ڪراچي - 28 جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري لياري ۾ موجود اسپينسر آئي اسپتال جو دورو ڪيو. اها اسپتال تازو ئي ميئر ڪراچي مرتضى وهاب ۽ سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جديد طرز تي بحال ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب اسپتال ۾ روزانو اٽڪل 4000 مريضن کي او پي ڊي جي …
خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري پاران اسپينسر آئي اسپتال لياري جو دورو

مزید خبریں
ڪراچي – 28 جولاءِ (اي پي پي) خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري لياري ۾ موجود اسپينسر آئي اسپتال جو دورو ڪيو. اها اسپتال تازو ئي ميئر ڪراچي مرتضى وهاب ۽ سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت جديد طرز تي بحال ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري بيان موجب اسپتال ۾ روزانو اٽڪل 4000 مريضن کي او پي ڊي جي سهولت مفت ڏني پئي وڃي. اپريل 2026ع کان هيستائين 700 کان وڌيڪ ليزر ۽ ٻيا طبي پروسيجرز ڪاميابي سان سرانجام ڏنا ويا آهن. خاتون اول اسپتال ۾ فراهم ڪئي ويندڙ مفت ۽ معياري طبي سهولتن جو جائزو ورتو ۽ ڊاڪٽرن، پيراميڊيڪل اسٽاف ۽ اسپتال جي پوري ٽيم جي عوامي خدمت ۽ پيشيواراڻي خدمتن کي ساراهيو. ان موقعي تي ميئر ڪراچي مرتضى وهاب، قومي اسيمبلي ميمبر شازيه مري ۽ ٻيا پڻ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ موجود هئا.











