اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان کي وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا چئلينجز درپيش آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جامع حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي.اڱاري ڏينهن نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي دوري جي موقعي تي نيوز بريفنگ ڏيندي هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کان بچڻ ۽ عوام کي ان جي …
پاڪستان کي وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا چئلينجز درپيش آهن: ناڻي ۽ محصول وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان کي وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙا چئلينجز درپيش آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت جامع حڪمت عملي تي عمل پيرا آهي.اڱاري ڏينهن نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي دوري جي موقعي تي نيوز بريفنگ ڏيندي هن چيو ته موسمياتي تبديلي جي ناڪاري اثرن کان بچڻ ۽ عوام کي ان جي ناڪاري اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ عالمي بينڪ جي سهڪار سان مختلف منصوبن تي تيزيءَ سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته پاڪستان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن، جيتوڻيڪ عالمي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نهايت گهٽ آهي.اهو ئي سبب آهي جو حڪومت عالمي حصيدارن جي سهڪار سان موسمياتي تبديلي سان هم آهنگي، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۾ واڌ، پاڻي جي بهتر انتظام، زرعي شعبي جي مضبوطي ۽ ماحول دوست ترقي جي منصوبن تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. ناڻي وزري وزير چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ رڳو حڪومتي قدم ڪافي ناهن ، پر عوامي شعور ۽ اجتماعي ذميداري به انتهائي اهم آهي. هن چيو ته شهرين ۾ ماحول جي تحفظ، پاڻي جي محتاط استعمال، وڻڪاري ۽ قدرتي وسيلن جي عقلمندي سان استعمال بابت جاڳرتا پيدا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن ايندڙ نسل لاءِ هڪ محفوظ ۽ جٽادار ماحول يقيني بڻائي سگهجي. وفاقي وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته حڪومت عالمي بينڪ ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن جي سهڪار سان اهڙن منصوبن کي اڳيان وڌائيندي رهندي جيڪي موسمياتي تبديلي جي خطرن ۾ گهٽتائي، معاشي استحڪام، ماحول دوست ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۾ مددگار ثابت ٿين.











