اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن جي پهرين مرحلي جي چونڊ نتيجي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي خدمت، ديانت ۽ ترقي جي سفر تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو …
عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي خدمت، ديانت ۽ ترقي جي سفر تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-28 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي اليڪشن جي پهرين مرحلي جي چونڊ نتيجي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي خدمت، ديانت ۽ ترقي جي سفر تي پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي سمورن ڪامياب اميدوارن کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته اها ڪاميابي صرف انفرادي ناهي پر سموري پارٽي، سندن ڪارڪنن ۽ عوام جي گڏيل اعتماد جي فتح آهي. دعا آهي ته الله تعالى توهان سڀني کي عوامي خدمت جي ذميواري بهترين انداز ۾ نڀائڻ جي توفيق عطا ڪري. هن چيو ته ان تاريخي ڪاميابي جو اصل ڪريڊٽ انهن هزارين بي لوث ڪارڪنن کي وڃي ٿو جن ڏينهن رات محنت ڪئي. هر گهٽي، محلي ۽ گهر تائين پارٽي جو پيغام پهچايو. توهان جي وفاداري، ثابت قدمي ۽ قربانين ان ڪاميابي کي ممڪن بڻايو آهي. هن چيو ته مان آزاد ڪشمير جي باشعور عوام جو به دل سان شڪر گذار آهيان جنهن پنهنجي ووٽ جي طاقت سان ثابت ڪيو ته هو انتشار، منفي سياست ۽ بي بنياد نعرن بدران ڪارڪردگي، استحڪام ۽ عوامي خدمت تي يقين رکن ٿا ۽ اڄ عوام ان ويزن جي ڀرپور تائيد ڪئي آهي. اهي نتيجا صرف هڪ چونڊ ڪاميابي ناهن پر عوام جي خواهشن، اعتماد ۽ مسلم ليگ (ن) جو نظريو ۽ فتح آهي. ان ئي جذبي سان آزاد ڪشمير جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي خدمت جو سفر پهريان کان وڌيڪ عزم سان جاري رهندو. هن سمورن ڪامياب اميدوارن، پارٽي قيادت، ڪارڪنن، حامين ۽ آزاد ڪشمير جي عوام کي دل جي گهرائين سان مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته اها فتح توهان سڀني جي آهي ۽ ايندڙ وقت وڌيڪ ڪاميابيون آڻيندو.











