وزيراعظم پاران سمورن ادارن کي هلندڙ سانوڻي جي دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهڻ جي هدايت

اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن ادارن کي هلندڙ سانوڻي جي دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اين ڊي ايم اي سمورن ادارن جي تعاون سان سانوڻي جي جاري اسپيل ۾ جاني ۽ مالي نقصان کي روڪڻ يقيني بڻائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم …

اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن ادارن کي هلندڙ سانوڻي جي دوران ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اين ڊي ايم اي سمورن ادارن جي تعاون سان سانوڻي جي جاري اسپيل ۾ جاني ۽ مالي نقصان کي روڪڻ يقيني بڻائي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار اڱاري ڏينهن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ جاري سانوڻي جي برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ ٻوڏ واري صورتحال تي جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن هدايت ڪئي ته اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز ۽ صوبائي حڪومتن سان مسلسل رابطي ۾ رهي، سمورا ادارا جاري سانوڻي جي نتيجي ۾ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهن. سندس چوڻ هو ته اين ڊي ايم اي سمورن وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي سانوڻي جي صورتحال ۽ متوقع برساتن جي اطلاع وقت سر فراهم ڪري، منصوبابندي وارو وفاقي وزير روزاني جي بنياد تي فلڊ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري ۽ صورتحال جي جائزي کانپوءِ حڪمت عملي طئي ڪري. وزيراعظم اترئين علائقن ۾ گلوف ۽ طوفاني ريلن جي حوالي سان اڳواٽ اطلاع جي نظام کي ڀرپور طريقي سان فعال رکڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته پاڪستان جو ماحول دشمن گئسن جي اخراج ۾ حصو معمولي آهي پر موسمياتي تبديلي جا خراب اثر ان کي بري طرح متاثر ڪري رهيا آهن، موسمياتي تبديلي جي خراب اثرن جي ڏس ۾ حڪومت ڊگهي، وچولي ۽ ننڍي مدي واري قدمن تي تيزي سان ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته اين ڊي ايم اي سمورن ادارن جي تعاون سان اهو يقيني بڻائي ته سانوڻي جي جاري اسپيل ۾ جاني ۽ مالي نقصان کي روڪيو وڃي. اجلاس کي اين ڊي ايم اي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين تازي سانوڻي ۽ ان جي نتيجي ۾ نقصانن، ريسڪيو ۽ بحالي جي قدمن بابت بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اين ڊي ايم اي ملڪ جي اترئين علائقن ۾ سانوڻي سبب پيدا ٿيندڙ ٻوڏ واري صورتحال ۽ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جاري گرمي جي شديد لهر جي حوالي سان صوبائي حڪومتن ۽ ادارن کي سموري مدد ۽ وسيلا فراهم ڪري رهيو آهي، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ سانوڻي جي برساتن جي هڪ وڏي اسپيل جي توقع آهي، ان کانسواءِ سيپٽمبر جي ٻئي هفتي کان سڄي ملڪ ۾ سانوڻي جو هڪ وڏو اسپيل پڻ متوقع آهي، وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪيل فلڊ ڪميٽي جو اجلاس باقاعدگي سان منعقد ٿي رهيو آهي جنهن ۾ سمورا لاڳاپيل ادارا موجوده صورتحال تي ڪڙيءَ نظر رکڻ سان گڏوگڏ ريسڪيو ۽ ريليف ۽ بحالي جي قدمن جي جامع حڪمت عملي جوڙي ان جو لاڳو يقيني بڻائي رهيا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده سانوڻي جي اسپيل ۾ هيستائين 110 فوتگيون، 360 ماڻهو زخمي ٿيا، 796 گهرن کي نقصان پهتو ۽ 376 جانور مري ويا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي جاري ايل – نينو جي ڪري پاڪستان جي اترئين علائقن ۾ موجود گليشيئرز جي پگهڙڻ جي تناسب ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن جي ڪري ايندڙ هڪ مهيني ۾ گلوف ۽ ٻوڏ ريلن جو خطرو آهي، امڪاني طور تي متاثر علائقن جي نشاندهي ڪري سمورا حفاظتي قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وچ پنجاب بشمول لاهور ۾ شهري ٻوڏ صورتحال تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا ويا جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ برساتي نالن ۾ ٻوڏ ريلن جي ڪري زرعي زمين پاڻي هيٺ آهي جنهن مان نيڪالي جو ڪم جاري آهي، ڊيره غازي خان ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پڻ ٻوڏ ريلن جي صورتحال هن وقت ضابطي ۾ آهي. اجلاس کي اين ايڇ اي پاران مٽيءَ جون ڇِپون ڪرڻ سان رستن جي بندش ۽ انهن جي بحالي بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 106 جاين تي رستن جي بندش کي وقت سر قدمن سان بحال ڪيو ويو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آءِ ٽي واري وزارت پاران نيشنل ايمرجنسي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن سينٽر فعال آهي، ڪنهن به موبائيل فون تان هنگامي صورتحال ۾ مدد جي ڪال تي فوري طور تي ريسڪيو 1122 فعال ٿي ريسڪيو ۽ ريليف قدمن جي لاءِ موقعي تي پهچي ٿي. ٻئي طرف وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سانوڻي دوران برسات جي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ جي لاءِ ملڪ جي مختلف هنڌن تي 700 جاين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ته جيئن خشڪ موسم دوران اهو پاڻي زراعت جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم ايز، صوبائي حڪومتن ۽ سمورن لاڳاپيل ادارن جي تازي سانوڻي جي اڳواٽ اطلاع، تياري ۽ ريسڪيو ۽ ريليف جي قدمن تي واکاڻ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، پروفيسر احسن اقبال، اعظم نذير تارڙ، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، انجنيئر امير مقام، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، سردار اويس خان لغاري، ميان محمد معين وٽو، وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ ۽ لاڳاپيل اعلى عملدارن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں