وزيراعظم پاران جديد ٽيڪنالاجي ۽ بهتر تربيت سان سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آڻڻ جي هدايت

اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جديد ٽيڪنالاجي ۽ بهتر تربيت سان سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته غيرضروري جاين ۽ عهدن جو خاتمو سڌاراجاتي ايجنڊا جو اهم حصو آهي، رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي پنهنجي باقي رهيل سفارشون هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪري. هو اڱاري ڏينهن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي حڪومت جي ماپي ۾ گهٽتائي (رائيٽ سائيزنگ) …

اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جديد ٽيڪنالاجي ۽ بهتر تربيت سان سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته غيرضروري جاين ۽ عهدن جو خاتمو سڌاراجاتي ايجنڊا جو اهم حصو آهي، رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي پنهنجي باقي رهيل سفارشون هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪري. هو اڱاري ڏينهن پنهنجي صدارت ۾ وفاقي حڪومت جي ماپي ۾ گهٽتائي (رائيٽ سائيزنگ) ۽ حڪومتي صلاحيت وڌائڻ بابت جائزه اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم  اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته رائيٽ سائيزنگ جي قدمن تحت يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن، پاڪ پي ڊبليو ڊي ۽ پاسڪو بند ڪيا ويا آهن جنهن سان قومي خزاني کي بچت ٿي رهي آهي. هن رائيٽ سائيزنگ تحت ختم ڪيل جاين ۽ ادارن جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي پنهنجي باقي رهيل سفارشون هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪري. هن حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان قدمن تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي پاران رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان قدمن جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته رائيٽ سائيزنگ قدمن سان سول حڪومت جي خرچن جو جي ڊي پي ۾ تناسب گهٽ ٿيو آهي. مختلف وزارتن ۽ سرڪاري ادارن ۾ خالي جاين جو خاتمو ڪيو ويو، ايس او ايز ۽ خودمختيار ادارن جي رائيٽ سائيزنگ جي حوالي سان تجويزون جوڙيون پيون وڃن. بريفنگ موجب پي آءِ اي ۽ فرسٽ وومين بئنڪ لميٽيڊ جي نجڪاري ٿي چڪي آهي ۽ ڪيترن ئي سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن. اجلاس ۾ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، نجڪاري وارو صلاحڪار محمد علي، ناڻي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل ادارن جا اعلى آفيسر شريڪ هئا.

مزید خبریں