هن سال سانوڻي جي برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جو ردعمل موثر رهيو آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد- 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هن سال سانوڻي جي برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جو ردعمل موثر رهيو آهي، اين ڊي ايم اي جي بروقت قدمن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ابتدائي خبرداري نظام جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ۾ نمايان گهٽائي آئي، نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر، حڪومت جي سڀني …

اسلام آباد- 28 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته هن سال سانوڻي جي برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جو ردعمل موثر رهيو آهي، اين ڊي ايم اي جي بروقت قدمن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ ابتدائي خبرداري نظام جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان ۾ نمايان گهٽائي آئي، نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر، حڪومت جي سڀني ادارن جي جامع حڪمت عملي، اڳواٽ اطلاع ۽ بروقت فيصلن جي لاءِ اهم قومي اثاثو ثابت ٿيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي دوري جي موقعي تي ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، مصدق ملڪ، ميان محمد معين وٽو ۽ سينيٽر اورنگزيب پڻ ساڻس گڏ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هن سال سانوڻي جي برساتن تي حڪومت جو ردعمل تمام گهڻو موثر رهيو آهي، گذريل سال جي صورتحال مان گهڻو ڪجهه سکيو ويو ۽ انهيءَ تجربي جي روشني ۾ بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي. هن اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته اين ڊي ايم اي سانوڻي جي برساتن ۽ امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم ڪيا آهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سانوڻي ۽ ٻوڏ جي صورتحال بابت بروقت اجلاس منعقد ڪيا، جن ۾ اين ڊي ايم اي عملدارن، وفاقي ڪابينا جي ميمبر، لاڳاپيل صوبائي حڪومتن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي نمائندن شرڪت ڪئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اين ڊي ايم اي سڀني لاڳاپيل کاتن ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان ارلي وارننگ سسٽم تي ڪم ڪيو ۽ عوام کي امڪاني خطرن بابت بروقت آگاهي فراهم ڪئي. هن چيو ته نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) دنيا ۾ پنهنجي قسم جو هڪ منفرد مرڪز آهي، حڪومت جي سڀني ادارن جي جامع حڪمت عملي جي موثر عمل درآمد ۽ بروقت ارلي وارننگ سسٽم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اهو هڪ اهم اثاثو ثابت ٿيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ارلي وارننگ سسٽم هڪ اهڙو نظام آهي جنهن جو جائزو وٺڻ لاءِ سڄي دنيا مان ماڻهو هتي ايندا آهن. هتي لڳل جديد ٽيڪنالاجي وسيلي عوام کي بروقت معلومات فراهم ڪئي وڃي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. وفاقي وزير چيو ته عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ نه رڳو ميڊيا ۽ روايتي ميڊيا کان مدد ورتي وئي پر پاڪ اين ڊي ايم اي الرٽ ايپليڪيشن ذريعي پُڻ شهرين کي هر لمحي انهن جي ڊوائيسز تي معلومات فراهم ڪئي وئي. هن چيو ته ڪوشش آهي ته سڀئي لاڳاپيل وزارتون، ڊويزنون ۽ صوبائي حڪومتون گڏيل تعاون سان هن چئلينج کي منهن ڏين، ان حوالي سان تفصيلي بريفنگ پڻ مُلي چُڪي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ هر شهري ۽ پوري سماج جي گڏيل ذميواري آهي، جتي نقصان ٿئي، ڪڪر ڦاٽڻ يا درياهن ۽ واهن ۾ ٻوڏ جو خدشو هُجي اتي سڀني کي امدادي سرگرمين ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه علائقن ۾ ڪجهه ڏينهن دوران ايتري برسات ٿي آهي جو عام حالتن ۾ ڇهن مهينن ۾ به نٿي ٿئي. هن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سڀني لاڳاپيل وزارتن، ڊويزنن ۽ اين ڊي ايم اي سان گڏجي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. وفاقي وزير موسمياتي چئلينجن، ابتدائي خبرداري واري نظام ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيارين جي حوالي سان خبرن، ٽاڪ شوز ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز وسيلي عوامي آگاهي مهمن ۾ تعاون تي پاڪستان جي ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پنهنجو ڪردار جاري رکندي. ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ موثر ردعمل هُوندو ۽ سڀئي لاڳاپيل ادارا متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ گڏيل تعاون سان ڪم جاري رکندا.