پاڪستان سڄي دنيا ۾ هيپاٽائيٽس سي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد- 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان وائرل هيپاٽائيٽس جو خاتمو ڪرڻ ۽ هر پاڪستاني جي صحت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، هي ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته جيتوڻيڪ هيپاٽائيٽس اسان جي ملڪ کي درپيش سنگين عوامي صحت جي مسئلن مان هڪ آهي تنهن هوندي به وقت سر تشخيص، وقت سر علاج، گڏيل عزم ۽ …

اسلام آباد- 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته اڄ اسان وائرل هيپاٽائيٽس جو خاتمو ڪرڻ ۽ هر پاڪستاني جي صحت ۽ ڀلائي کي يقيني بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، هي ڏينهن ياد ڏياري ٿو ته جيتوڻيڪ هيپاٽائيٽس اسان جي ملڪ کي درپيش سنگين عوامي صحت جي مسئلن مان هڪ آهي تنهن هوندي به وقت سر تشخيص، وقت سر علاج، گڏيل عزم ۽ مسلسل عملي قدمن جي ذريعي ان بيماري جي روڪٿام ۽ علاج ممڪن آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ هيپاٽائيٽس سي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، لکين ماڻهن جي بيماري جي ڪري اسان جي صحت جي نظام، معيشت ۽ معاشري تي وڏو دٻاءُ پئجي رهيو آهي، جڏهن ته اسان کي هڪ وڏو چئلينج درپيش آهي، پر ان جي تدارڪ جو اسان جو عزم پختو آهي. صدر چيو ته ان وبا کي روڪڻ جي لاءِ اسان کي انهن بنيادي عملن جو خاتمو ڪرڻو پوندو جيڪي معاشري ۾ ان جي ڦهلاءُ جو سبب بڻجي رهيا آهن، انهن ۾ غيرجراثيم ڪش طبي اوزارن جو استعمال، سرنجن جو مسلسل غيرمحفوظ استعمال، بنا اسڪريننگ جي رت جي منتقلي ۽ حجامن ۽ بيوٽي سيلونز ۾ لاڳو حفظان صحت جا منفي طريقا شامل آهن، ان قومي بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي لازمي آهي، هڪ طرف غيرمحفوظ طبي ۽ واپاري سرگرمين جي خاتمي جي لاءِ موثر قانونسازي ۽ ڀرپور عملدرآمد جڏهن ته ٻئي طرف وسيع عوامي آگاهي مهم ته جيئن شهري پنهنجي ۽ پنهنجي گهرڀاتين جي حفاظت جي لاءِ ضروري معلومات کان آگاهه ٿي سگهن. صدر چيو ته ان قومي چئلينج جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي پاڪستان حڪومت “هيپاٽائيٽس سي انفيڪشن جي خاتمي بابت وزيراعظم جي قومي پروگرام” جهڙي اهم پروگرام جي شروعات ڪئي، ان تحت سڄي ملڪ جي عوام کي هيپاٽائيٽس سي جي مفت اسڪريننگ، تشخيص ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته ان پروگرام جي عملي سرگرمين جي ڪامياب شروعات اسلام آباد کان ٿي چڪي آهي جتي ڪميونٽي ۽ موبائيل اسڪريننگ مهم جي ذريعي هيستائين 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، ان مهم کي جلد ئي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير تائين توسيع ڏني ويندي. صدر چيو ته هو صوبائي حڪومتن جي پنهنجي پنهنجي دائره اختيار ۾ هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي پروگرامن تي موثر انداز ۾ عملدرآمد ڪرڻ کي ساراهي ٿو جيڪي اسان جي ان گڏيل قومي هددف کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رها آهن. صدر آصف علي زرداري چيو ته مالي وسيلن جي کوٽ ۽ ٻين قومي ترجيحن جي باوجود حڪومت ان اهم عوامي صحت جي منصوبي جي لاءِ وسيلن جي فراهمي کي ترجيح ڏني آهي، اسان دستياب وسيلن جي موثر استعمال، صوبائي حڪومتن، ترقياتي حصيدارن، نجي شعبي ۽ سول سوسائٽي سان مضبوط حصيداري عمل کي فروغ ڏيڻ ۽ ان قومي مشن کي تسلسل سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. صدر چيو ته هيپاٽائيٽس جو خاتمو هڪ گڏيل فرض آهي، طبي ماهرن، محققين، ترقياتي حصيدارن، تعليمي ادارن، ميڊيا، مذهبي اڳواڻن، سول سوسائٽي جي تنظيمن ۽ هر باشعور شهري جو عوامي آگاهي ۾ اضافي، اسڪريننگ جي حوصلا افزائي ڪرڻ، محفوظ طبي طريقيڪار کي فروغ ڏيڻ ۽ بيماري جي ڦهلاءُ جي روڪٿام ۾ اهم ڪردار آهي. صدر چيو ته آئون پنهنجي ڊاڪٽرن، نرسن، ليبارٽري جي ماهرن، پروگرام مئنيجرز، فيلڊ ٽيمن ۽ سموري طبي عملي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جي اڻٿڪ محنت، پيشيواراڻي صلاحيت ۽ خدمت جي جذبي هزارين خاندانن جي لاءِ نئين اميد پيدا ڪئي آهي. هن چيو ته آئون هر پاڪستاني کي هيپاٽائيٽس سي جي اسڪريننگ ڪرائڻ، گهرڀاتين ۽ دوستن کي به ان جي ترغيب ڏيڻ ۽ وقت سر علاج ڪرائڻ جي اپيل ڪريان ٿو، وقت سر تشخيص قيمتي جانيون بچائي ٿي، بيماري جي ڦهلاءُ کي روڪي ٿي ۽ هڪ صحتمند، مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جو بنياد رکي ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان جو ويزن آهي ته پاڪستان جيڪو اڄ دنيا ۾ هيپاٽائيٽس سي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو، مستقبل ۾ ان بيماري جي ڪامياب خاتمي جو عالمي مثال بڻجي اڀري، مون کي يقين آهي ته موثر حڪمت عملي جي ذريعي پاڪستان صحت جي عالمي اداري جي هدفن ۽ پنهنجي قومي هدفن موجب 2030ع تائين هيپاٽائيٽس سي تي ضابطو ضرور حاصل ڪري وٺندو. صدر چيو ته قومي يڪجهتي ۽ مسلسل جدوجهد سان ان چئلينج جو مقابلو ڪري اسان هڪ صحتمند ۽ روشن پاڪستان جو بنياد رکي سگهون ٿا.

مزید خبریں