اسلام آباد- 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فرانس ۽ اسپين جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي ان جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي نقصان ۽ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، صدر متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته …
صدر پاران فرانس ۽ اسپين جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 28 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري فرانس ۽ اسپين جي ٻيلن ۾ باهه لڳڻ تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي ان جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي نقصان ۽ تباهي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، صدر متاثر خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان فرانس ۽ اسپين جي حڪومتن ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. هن فائر فائٽرز ۽ امدادي ڪارڪنن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته موسمياتي تبديلي پوري انسانيت لاءِ هڪ گڏيل چئلينج آهي. صدر چيو ته پاڪستان پڻ موسمياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن کان سخت متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ عالمي يڪجهتي ۽ گڏيل ڪوششون اڻٽر آهن.










