اسلام آباد - 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهرين جي هيپاٽائيٽس جي سنگين حياتي کسيندڙ قسمن کان بچاءُ جي لاءِ معياري اسڪريننگ، تشخيص ۽ علاج جي سهولتن تائين بنا ڪنهن فرق جي پهچ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته “هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي لاءِ وزيراعظم قومي پروگرام” جي شروعات هڪ تاريخي ۽ غيرمعمولي قدم آهي. هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي …
هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي لاءِ وزيراعظم قومي پروگرام جي شروعات هڪ تاريخي ۽ غيرمعمولي قدم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شهرين جي هيپاٽائيٽس جي سنگين حياتي کسيندڙ قسمن کان بچاءُ جي لاءِ معياري اسڪريننگ، تشخيص ۽ علاج جي سهولتن تائين بنا ڪنهن فرق جي پهچ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته “هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي لاءِ وزيراعظم قومي پروگرام” جي شروعات هڪ تاريخي ۽ غيرمعمولي قدم آهي. هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس جي عالمي ڏينهن تي دنيا سان گڏجي ان موذي مرض جي خاتمي جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس سي جي سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان عوامي صحت جي ان مسئلي ۾ ورتل آهي، هيپاٽائيٽس جي سنگين حياتي کسيندڙ قسمن کان بچاءُ جي لاءِ شهرين کي معياري اسڪريننگ، تشخيص ۽ علاج جي سهولتن تائين بنا ڪنهن فرق جي پهچ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت ان خاتمي جوڳي ۽ علاج جوڳي مرض جي خاتمي جي لاءِ 2025ع ۾ “هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي بابت وزيراعظم قومي پروگرام” جي شروعات ڪئي جيڪو هڪ تاريخي ۽ غيرمعمولي قدم آهي، ان پروگرام جو مقصد لکين پاڪستانين کي وقت سر مفت اسڪريننگ، تصديقي تشخيص ۽ موثر علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ آهي، ان پروگرام جي عملي لاڳو تحت اسلام آباد ۾ اسڪريننگ، تشخيص ۽ علاج جي خدمتن جي باقاعده شروعات ٿي چڪي آهي ۽ سمورا وڏا سرڪاري صحت مرڪز ۽ اسپتالون، ان پروگرام ۾ ڀرپور انداز ۾ شريڪ آهن، وڌيڪ اهو ته عوام تائين انهن خدمتن جي آسان پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ موبائيل اسڪريننگ پروگرام پڻ شروع ڪيو ويو آهي، اسڪريننگک انسواءِ جن ماڻهن کي وڌيڪ تشخيص ۽ علاج جي ضرورت آهي انهن کي ڪنهن مالي بار کانسواءِ پروگرام ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته هيپاٽائيٽس جهڙي موذي مرض جي روڪٿام جي لاءِ حڪومت غيرمعياري سرنجز جي تياري، پهچ ۽ ٻيهر استعمال تي مڪمل پابندي هنئي، ان ڏس ۾ اسپتالن ۾ علاج ۽ حفظان صحت جي اصولن جي پابندي تي خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ۽ عملدرآمد ۾ ڪوتاهي ڪندڙ عملي جي جوابدهي کي يقيني بڻايو ويو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت سمورن دستياب وسيلن جي بهترين استعمال سان گڏوگڏ صوبائي حڪومتن، ترقياتي حصيدارن، طبي ماهرن ۽ نجي شعبي سان تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پُرعزم آهي ته جيئن ان موذي مرض جي اثرن کي ختم ڪري سگهجي ۽ ڪو به مستحق مريض علاج کان محروم نه رهي. وزيراعظم چيو ته موذي مرض خاص طور تي هيپاٽائيٽس جي خلاف ڪاميابي حڪومت کانسواءِ انفرادي ۽ معاشرتي طور تي ڪوششن جي گهرجائو آهي. هن سمورن پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته اهي هيپاٽائيٽس سي جي وقت سر تشخيص جي لاءِ اسڪريننگ ڪرائين، پنهنجي گهرڀاتين، دوستن ۽ ساٿين کي به ٽيسٽ ڪرائڻ جي ترغيب ڏين ۽ اهڙيون محفوظ طبي ۽ صحتمند عادتون اختيار ڪن جيڪي ان بيماري جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ مددگار هجن، وقت سر تشخيص ۽ فوري علاج قيمتي جانين کي بچائڻ جو ذريعو آهي. هن چيو ته مرضن کان بچاءُ ۽ روڪٿام جي جنگ ۾ ڊاڪٽرز، نرسز، ليبارٽري ماهر ۽ صحت جو سمورو عملو جيڪو پهرين صف ۾ شريڪ آهي، ساراهه جوڳا آهن. وزيراعظم خصوصي هدايت ڪئي ته اهي خدمت جي جذبي ۽ پيشيواراڻي فرضن ۾ اڻٿڪ محنت جو روشن مثال قائم ڪن، اچو اسان سڀ صحتمند پاڪستان جي تعمير جي پنهنجي وچن جو ورجاءُ ڪريون. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته گڏيل ڪوششن، گڏيل تعاون، سائنسي جدت، عوامي شموليت ۽ الله تعالى جي فضل ۽ ڪرم سان اسان 2030ع تائين هيپاٽائيٽس سي کي عوامي صحت جي لاءِ هڪ وڏي خطري جي طور تي ختم ڪرڻ جي پنهنجي قومي عزم ۽ عالمي هدف کي ضرور حاصل ڪري وٺنداسين.










