نيويارڪ- 19 جولاءِ (اي پي پي) عالمي فٽ بال جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول اسڪور ڪرڻ جو اعزاز ڪنهن به رانديگر کي راند جي دنيا ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيندو آهي، جاري ورلڊ ڪپ جي ٽيئن پوزيشن جي پلي آف ميچ کانپوءِ ان فهرست ۾ تاريخي تبديليون ڏسڻ لاءِ مليون جتي فرانس جو اسٽار رانديگر ۽ڪپتان ڪيلين ايمباپي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ …
فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان ڪامياب گول اسڪوررز، فرانس جو ڪيلين ايمباپي سڀ کان اڳتي، هيري ڪين ۽ ليونل ميسي جا نوان رڪارڊ قائم
نيويارڪ- 19 جولاءِ (اي پي پي) عالمي فٽ بال جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ گول اسڪور ڪرڻ جو اعزاز ڪنهن به رانديگر کي راند جي دنيا ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيندو آهي، جاري ورلڊ ڪپ جي ٽيئن پوزيشن جي پلي آف ميچ کانپوءِ ان فهرست ۾ تاريخي تبديليون ڏسڻ لاءِ مليون جتي فرانس جو اسٽار رانديگر ۽ڪپتان ڪيلين ايمباپي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو سڀ کان ڪامياب اسڪورر بڻجڻ جو منفرد اعزاز حاصل ڪيو آهي. اسپورٽس ويب سائيٽ مطابق فيفا ورلڊ ڪپ جي هاڻي تائين ٽاپ اسڪوررز جي رڪارڊ تي نظر وڌي وڃي ته فرانس جو ڪيلين ايمباپي 22 گول ڪري دنيا جو پهريون نمبر رانديگر بڻجي ويو آهي، ارجنٽائن جو ليونل ميسي 21 گول سان ٻئي ۽ جرمني جو مروسلاو ڪلوزي 16 گول سان ٽئين نمبر تي آهي.












