نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون

شنگهائي - 16 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي، چين ۾ منعقد صحيحن واري تقريب دوران پاڪستان پاران ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊبليو اي آءِ سي او) قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڊبليو اي آءِ سي او جي باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ خاص …

شنگهائي – 16 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار شنگهائي، چين ۾ منعقد صحيحن واري تقريب دوران پاڪستان پاران ورلڊ آرٽيفيشل انٽيلي جنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊبليو اي آءِ سي او) قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڊبليو اي آءِ سي او جي باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ خاص طور تي گلوبل سائوٿ جي موقف سان عالمي تعاون جي فروغ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. پاڪستان ڊبليو اي آءِ سي او جي ٻين ميمبر ملڪن سان ويجهي تعاون جو خواهشمند آهي ته جيئن مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ موجود عالمي فرق کي گهٽ ڪرڻ، مصنوعي ذهانت تائين منصفاڻي ۽ برابر پهچ کي فروغ ڏيڻ ۽ سڀني جي لاءِ ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهجي.