آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه 2 ڏينهن جي اهم دؤري تي شنگهائي رواني

اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه 2 ڏينهن جي اهم دؤري تي چين جي شهر شنگهائي رواني ٿي وئي آهي. هي دؤرو پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ هڪ سنگِ ميل ثابت ٿي رهيو آهي. آءِ ٽي واري وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس آرگنائزيشن جي باني ميمبر جي حيثيت سان باضابطه شموليت …

اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه 2 ڏينهن جي اهم دؤري تي چين جي شهر شنگهائي رواني ٿي وئي آهي. هي دؤرو پاڪستان لاءِ عالمي سطح تي مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ هڪ سنگِ ميل ثابت ٿي رهيو آهي. آءِ ٽي واري وزارت جي ترجمان موجب پاڪستان ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس آرگنائزيشن جي باني ميمبر جي حيثيت سان باضابطه شموليت اختيار ڪري ورتي. وفاقي وزير شنگهائي ۾ رٿيل 2026ع ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. دؤري دوران وفاقي وزير مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ گڏيل منصوبن لاءِ مختلف ملڪن جي وزيرن ۽ عالمي آءِ ٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندي. باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان جو ان تنظيم ۾ شامل ٿيڻ ملڪ ۾ مصنوعي ذهانت جي ترقي، پاليسي سازي ۽ عالمي معيار موجب ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو.