اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ملڪ جي نوجوان نسل ۾ صلاحيتن جي ڪا کوٽ ناهي، حڪومت نوجوان نسل کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي ته جيئن سڄي دنيا ۾ اهي ملڪ جو نالو روشن ڪن. اهڙو اظهار هن نيشنل چيس چيمپيئن شپ ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ هو خاص مهمان طور …
ملڪ جي نوجوان نسل ۾ صلاحيتن جي ڪا کوٽ ناهي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري
اسلام آباد-16 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ملڪ جي نوجوان نسل ۾ صلاحيتن جي ڪا کوٽ ناهي، حڪومت نوجوان نسل کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي ته جيئن سڄي دنيا ۾ اهي ملڪ جو نالو روشن ڪن. اهڙو اظهار هن نيشنل چيس چيمپيئن شپ ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ هو خاص مهمان طور شريڪ ٿيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي نوجوان نسل ۾ صلاحيتن جي ڪا کوٽ ناهي، اسان جا نوجوان سڄي دنيا ۾ راندين جي ميدان ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري رهيا آهن. هن چيو ته شطرنج جي راند ۾ اسان جي نامور رانديگرن پاڪستان جو نالو دنيا ۾ مٿانهون ڪيو، جسماني ۽ ذهني صلاحيتون گڏجي شطرنج رانديگر بڻائين ٿيون. ان ٽورنامينٽ ۾ جن جن رانديگرن ڪاميابي حاصل ڪئي اهي مبارڪون لهڻن. هن خصوصي طور عورت شطرنج چيمپئن صاحبه شاهه کي چيمپئن بڻجڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته ٽورنامينٽ منعقد ڪرائڻ تي پاڪستان چيس فيڊريشن مبارڪون لهڻي، حڪومت طرفان خاطري ڪرايان ٿو ۽ وزيراعظم هميشه ان ڳالهه جي هدايت ڪئي ته ملڪ جي نوجوان کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهي راندين جي ميدان ۾ ملڪ جو نالو دنيا ۾ روشن ڪري سگهن. هن چيو ته هڪ وقت هو ته هاڪي ۽ـ اسڪواش سميت پاڪستان ڪيترين ئي راندين جو دنيا جو چيمپئن هو، وزيراعظم ملڪ ۾ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام شروع ڪيو آهي جنهن ۾ صوبائي ۽ قومي سطح تي رانديگرن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته نوجوان نسل کي سموريون سهولتون فراهم ڪنداسين. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري جو چوڻ هو ته گذريل سال 9 ۽ 10 مئي تي ڀارت جي ڀيٽ ۾ پاڪستان کي جيڪا فتح نصيب ٿي ان تي پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي اڳواڻيءَ ۾ عالمي تڪرار جي خاتمي ۾ سفارتي سطح تي دنيا ۾ جيڪا عزت ملي اهو اسان سڀني لاءِ فخر جوڳو آهي.











