وزيراعظم پاران خطي ۾ غيريقيني صورتحال جي ڪري هر ممڪن چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل تياري رکڻ ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد - 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ غيريقيني صورتحال جي ڪري هر ممڪن چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل تياري رکڻ ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي ملڪي معيشت تي اثرن جو جائزو وٺن جي لاءِ اجلاس خميس ڏينهن …

اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ غيريقيني صورتحال جي ڪري هر ممڪن چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل تياري رکڻ ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ جي ملڪي معيشت تي اثرن جو جائزو وٺن جي لاءِ اجلاس خميس ڏينهن منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سادگي ۽ ڪفايت شعاري جي قدمن تي رپورٽ پيش ڪئي وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته خطي جي صورتحال ۾ غيريقيني برقرار آهي. هن هدايت ڪئي ته هر ممڪن چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ مڪمل تياري رکي وڃي. هن چيو ته گذريل سادگي ۽ ڪفايت شعاري مهم ۾ عوام ڀرپور ڪردار ادا ڪيو جنهن تي دل سان ٿورائتا آهيون. وزيراعظم پيٽروليم مصنوعات ۽ توانائي جي بچت جي قومي مهم ۾ عوام جي ڀرپور تعاون کي ساراهيندي چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان ملڪي معيشت في الحال مستحڪم آهي، ضرورت پوڻ تي وقت سر قدم کڻڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي. وزيراعظم چيو ته وقت سر ۽ موثر حڪومتي حڪمت عملي سان ملڪ ۾ ٻارڻ جي فراهمي جي صورتحال جو بهترين انداز ۾ انتظام ڪيو ويو، حڪومت عام ماڻهو، موٽرسائيڪل سوارن، رڪشا ڊرائيورن ۽ ٽرانسپورٽرز کي تحفظ فراهم ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاران ڏني ويندڙ سبسڊي جي نتيجي ۾ ٻارڻ جي قيمتن جي اضافي جي اثرن کي موثر انداز ۾ ڪنٽرول ڪيو ويو. هن هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتن سان گڏجي پيٽروليم مصنوعات جي مصنوعي کوٽ پيدا ڪندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جي منفي اثرن سان ملڪي معيشت جي مستقبل ۾ متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي جهڙي طرح گذريل سادگي مهم ۾ عوام ڀرپور ساٿ ڏنو، انهي طرز تي ڪفايت شعاري کي قومي سطح تي اختيار ڪرڻو پوندو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪي ضرورتن موجب پيٽروليم مصنوعات جا وڏا ذخيرا موجود آهن ۽ مستقبل جي لاءِ ان جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، اويس خان لغاري، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون طارق باجوه، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ۽ اعلى سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.