اسلام آباد - 16 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پنهنجي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين جي شهر شنگهائي پهچي ويو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾شرڪت ڪندو ۽ باني ميمبر جي حيثيت …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وفد سان گڏ شنگهائي پهچي ويو

مزید خبریں
اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پنهنجي وفد سان گڏ ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي چين جي شهر شنگهائي پهچي ويو. خميس ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب دوري دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن قائم ڪرڻ بابت معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾شرڪت ڪندو ۽ باني ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان پاران ان معاهدي تي صحيحون ڪندو. هو 17 جولاءِ 2026ع تي ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ پنهنجي هم منصبن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. شنگهائي هوائي اڏي تي اچڻ جي موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو استقبال شنگهائي ميونسپل پارٽي ڪميٽي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ شنگهائي جي نائب ميئر وو وي، چين ۾ پاڪستان جي ناظم الامور اعزاز خان ۽ شنگهائي ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل شهزاد احمد خان ڪيو.









