نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چين جي شهر شنگھائي جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو

اسلام آباد- 16 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن عوامي جمهوريه چين جي شهر شنگھائي جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان، جيڪو ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊبليو اي آءِ سي او) جو باني ميمبر آهي، ان جي طرفان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تنظيم جي …

اسلام آباد- 16 جولاءِ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن عوامي جمهوريه چين جي شهر شنگھائي جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، پاڪستان، جيڪو ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪوآپريشن آرگنائيزيشن (ڊبليو اي آءِ سي او) جو باني ميمبر آهي، ان جي طرفان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تنظيم جي معاهدي تي صحيحُون ڪندو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ورلڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس ڪانفرنس 2026ع ۾ شرڪت ڪندو ۽ عالمي اڳواڻن سان مُلاقاتُون ڪندو ته جيئن مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ عالمي تعاون کي فروغ ڏيئي سگهجي ۽ جامع، منصفاڻي ۽ برابري واري عالمي اي آءِ گورننس کي اڳتي وڌائي سگهجي.