اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان - چين بزنس ٽو بزنس (بي ٽو بي) ۽ سيڙپڪاري ڪانفرنس پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، ٻه طرفي اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي روانگي واپار تي ٻَڌل معاشي حڪمت عمليءَ کي تيز ڪرڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. اها ڳالهه سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ …
پاڪستان چين بي ٽو بي ڪانفرنس سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ صنعتي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم سنگِ ميل ثابت ٿيندي: وفاقي وزيرن جي پريس ڪانفرنس

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان – چين بزنس ٽو بزنس (بي ٽو بي) ۽ سيڙپڪاري ڪانفرنس پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ، ٻه طرفي اقتصادي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي روانگي واپار تي ٻَڌل معاشي حڪمت عمليءَ کي تيز ڪرڻ لاءِ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي. اها ڳالهه سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ۽ وزيراعظم جي خاص صلاحڪار هارون اختر خان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي. هنن ٻُڌايو ته اسلام آباد ۾ 17 ۽ 18 جولاءِ تي منعقد ٿيندڙ ٻه ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ اٽڪل 500 چيني سيڙپڪار ۽ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون شرڪت ڪنديون جتي خاص ڪري دواسازي ۽ مينيوفيڪچرنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي موقعن جو جائزو ورتو ويندو. قيصر احمد شيخ چيو ته اها ڪانفرنس پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ ملڪ ۾ مينيوفيڪچرنگ جي شعبي کي هٿي ڏئي پائيدار روانگي واپار جي ترقي کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن چيو ته ڪانفرنس جو بنيادي مقصد فارماسيوٽيڪل سميت معيشت جي ٻين اعليٰ صلاحيت رکندڙ شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آحي. هن چيو ته حڪومت جي پهرين ترجيح مينيوفيڪچرنگ تي ٻَڌل معاشي ترقيءَ سان گڏوگڏ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي ترقي آهي. قيصر احمد شيخ چيو ته حڪومت وزيراعظم جي ويزن موجب مينيوفيڪچرنگ ۽ ايس ايم ايز ذريعي صنعتي ۽ زرعي ترقيءَ کي هٿي ڏيڻ آهي، جڏهن ته ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ لاءِ مالي معاونت ۽ ليڪويڊيٽي سهولتون به فراهم ڪيون پيون وڃن. هن ٻُڌايو ته ملڪي معاشي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي ناڻي جي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا وڌي 18 ارب ڊالرن تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته موجوده حڪومت جي اقتدار سنڀالڻ وقت اهي اٽڪل 4 ارب ڊالر هئا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت بورڊ آف انويسٽمينٽ ۽ اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ذريعي مقامي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي خاص مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جن ۾ خاص اقتصادي زونزن ۾ چٽاڀيٽي اگهن تي ايراضيءَ جي فراهمي پڻ شامل آهي. ان موقعي تي هارون اختر چيو ته پاڪستان چين بي ٽو بي ۽ سيڙپڪاري ڪانفرنس ملڪ ۾ مينيوفيڪچرنگ سگهه وڌائڻ ۽ روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ هڪ مؤثر حوصله افزائي ثابت ٿيندي. هن انڪشاف ڪيو ته 7 عالمي ڪمپنيون پاڪستان ۾ مينيوفيڪچرنگ يونٽس قائم ڪرڻ لاءِ تيار آهن جن ۾ ويڪسين تيار ڪرڻ وارا پلانٽس پڻ شامل آهن. هن ان کي پاڪستان جي فارماسيوٽيڪل صنعت لاءِ هڪ تاريخي اڳڀرائي قرار ڏنو. ان موقعي تي هارون اختر خان چيو ته وچ اوڀر ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي عالمي سطح تي ساراهيو پيو وڃي، خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پاڪستان جون ڪوششون سيڙپڪاري ۽ معاشي ترقيءَ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون. هن وڌيڪ چيو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) ۽ ٽريڊ ڊولپمينت اٿارٽي آف پاڪستان گڏيل طور تي سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل حڪومت معاشي ايجنڊا جي تڪميل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان چين بزنس ٽو بزنس ۽ سيڙپڪاري ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي اهم شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ نئين سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ مؤثر پليٽ فارم فراهم ڪندي.











