اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت جي شعبي بابت هڪ اهم عالمي بزنس ايونٽ منعقد ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ چين جي اٽڪل 160 ڪمپنين جي شرڪت جو امڪان آهي. هن ٻُڌايو ته ان موقعي تي اٽڪل 500 پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس منعقد ٿيندي، جنهن جو مرڪز صحت جو …
پاڪستان ۾ عالمي بزنس ايونٽ ۾ چين جي 160 ڪمپنين جي شرڪت جو امڪان آهي: سيد مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ صحت جي شعبي بابت هڪ اهم عالمي بزنس ايونٽ منعقد ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ چين جي اٽڪل 160 ڪمپنين جي شرڪت جو امڪان آهي. هن ٻُڌايو ته ان موقعي تي اٽڪل 500 پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ بزنس ٽو بزنس ڪانفرنس منعقد ٿيندي، جنهن جو مرڪز صحت جو شعبو هوندو. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڪانفرنس ۾ صحت جي شعبي جي 6 اهم ڪيٽيگريز تي ڌيان ڏنو ويو آهي جنهن ۾ بائيو ٽيڪنالاجي، ويڪسينز، ڪلينيڪل ٽرائلز، هربل ميڊيسن سميت ٻيا مختلف شعبا شامل آهن. هن چيو ته پاڪستان هن وقت فارماسيوٽيڪل لاءِ اٽڪل 90 سيڪڙو ڪچو مال پرڏيهه مان درآمد ڪري ٿو، جڏهن ته ان ڪانفرنس ذريعي مقامي پيداوار، سيڙپڪاري، ٽيڪنالاجيءَ جي منتقلي ۽ گڏيل رٿائن جا نوان موقعا پيدا ٿيندا. مصطفيٰ ڪمال ٻُڌايو ته گذريل هڪ مهيني کان پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنيون گڏيل رابطن ۾ آهن ۽ ڪيتريون ئي ڪاروباري ملاقاتون پهرين ئي ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته ڪانفرنس دوران مختلف معاهدن ۽ ايم او يوز تي صحيحون ڪيون وينديون جيڪي ٻنهي ملڪن وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائينديون. وفاقي وزير چيو ته ان اهم قدمن جي ڪاميابيءَ ۾ هارون اختر، قيصر احمد شيخ ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو پورو منصوبو وزيراعظم جي ويزن مطابق اڳتي وڌايو پيو وڃي، جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، مقامي صنعت جي ترقي ۽ صحت جي شعبي کي جديد رُخن تي آڻڻ آهي.











