اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين، مولانا فضل الرحمان جي پاڪ فوج بابت بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته مولانا جي بيان سان شهيدن جي وارثن ۽ سڄي قوم جا جذبا مجروح ٿيا، پاڪ فوج جا جوان پگهار نه، ايمان جي جذبي ۽ حب الوطني تحت قربانيون ڏين ٿا. اربع ڏينهن جاري بيان ۾ وفاقي …
وفاقي وزير رانا تنوير حسين پاران مولانا فضل الرحمان جي پاڪ فوج بابت بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين، مولانا فضل الرحمان جي پاڪ فوج بابت بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته مولانا جي بيان سان شهيدن جي وارثن ۽ سڄي قوم جا جذبا مجروح ٿيا، پاڪ فوج جا جوان پگهار نه، ايمان جي جذبي ۽ حب الوطني تحت قربانيون ڏين ٿا. اربع ڏينهن جاري بيان ۾ وفاقي وزير رانا تنوير حسين چيو ته پاڪ فوج جا جوان اندروني ۽ پرڏيهي دشمنن خلاف عظيم قربانيون ڏئي رهيا آهن، شهيد پاڪستان جي سِر جا تاج آهن، سندن قربانيون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن. رانا تنوير حسين چيو ته مولانا فضل الرحمان پوري قوم ۽ شهيدن جي خاندانن کان معافي گُهري. هن چيو ته پاڪ فوج ڀارت کي شڪست ڏئي دنيا ۾ بهادريءَ جي نئين تاريخ لکي آهي. پاڪ فوج قوم جو فخر ۽ ملڪي دفاع جي ضمانت آهي، فوج خلاف سياسي مفادن تي ٻَڌل بيان بازي قومي مفادن جي ابتڙ آهي. رانا تنوير حسين چيو ته پوري قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ آهي.











