ڀارتي ميڊيا تي مولانا فضل الرحمان جي بيان کي پاڪستان خلاف استعمال ڪري هٿياربند فوج ۽ شهيدن خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي: ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا تي مولانا فضل الرحمان جي بيان کي پاڪستان خلاف استعمال ڪري هٿياربند فوج ۽ شهيدن خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. اربع ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اهڙا بيان دشمن جي ميڊيا کي پاڪستان مخالف بيانيي لاءِ مواد فراهم ڪن ٿا، اسان جا شهيد ۽ …

اسلام آباد- 15 جولاءِ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڀارتي ميڊيا تي مولانا فضل الرحمان جي بيان کي پاڪستان خلاف استعمال ڪري هٿياربند فوج ۽ شهيدن خلاف ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. اربع ڏينهن ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اهڙا بيان دشمن جي ميڊيا کي پاڪستان مخالف بيانيي لاءِ مواد فراهم ڪن ٿا، اسان جا شهيد ۽ سرحدن تي فرض نڀائيندڙ پوري قوم جو فخر آهن، وطن جي محافظن ۽ شهيدن جي قربانين کي سياسي اختلافن جي وَر نٿو چاڙهي سگهجي. هن چيو ته اختلافِ راءِ جمهوريت جو حسن آهي، پر قومي سلامتي تي ڪو ٺاهه نٿو ٿي سگهي، شهيدن جي احترام ۽ وطن جي دفاع تي اهڙو ڪو مؤقف نه هئڻ گهرجي جنهن سان دشمن کي فائدو پهچي.

مزید خبریں