استنبول - 04 جولاءِ اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاعي تعاون، توانائي، رابطن، ٽيڪنالاجي، علائقائي امن ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن سميت پاڪستان ترڪيه اسٽريٽجڪ حصيداري جي سمورن اهم رخن جو احاطو ڪيو ويو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌايو ته تاريخي شهر استنبول ۾ پنهنجي نهايت عزيز ڀاءُ صدر رجب طيب …
ترڪ صدر سان ملاقات ۾ پاڪستان ترڪيه اسٽريٽجڪ حصيداري جي سمورن اهم رخن جو احاطو ڪيو ويو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
استنبول – 04 جولاءِ اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري، دفاعي تعاون، توانائي، رابطن، ٽيڪنالاجي، علائقائي امن ۽ عوامي سطح تي لاڳاپن سميت پاڪستان ترڪيه اسٽريٽجڪ حصيداري جي سمورن اهم رخن جو احاطو ڪيو ويو آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻڌايو ته تاريخي شهر استنبول ۾ پنهنجي نهايت عزيز ڀاءُ صدر رجب طيب اردگان سان ملاقات منهنجي لاءِ اعزاز هئي، اسان جي ڳالهين ۾ پاڪستان ترڪيه اسٽريٽجڪ حصيداري جي اهم رخن جو احاطو ڪيو ويو. جنهن ۾ خاص ڪري واپار، سيڙپڪاري، دفاعي تعاون، توانائي، رابطن، ٽيڪنالاجي، علائقائي امن ۽ عوامي سطح تي لاڳاپا شامل آهن.








