وزيراعظم پاران "ترڪ سيل” کي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ ڊگهي مدي واري تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺڻ جي دعوت

استنبول- 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي "ترڪ سيل" کي پاڪستاني ادارن سان 5G لاڳو ڪرڻ، نيٽ ورڪ جي بهتري (آپٽيمائيزيشن)، اسپيڪٽرم جي انتظام، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي شعبن ۾ ڊگهي مدي واري تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺڻ جي دعوت ڏني آهي. …

استنبول- 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏيندي "ترڪ سيل” کي پاڪستاني ادارن سان 5G لاڳو ڪرڻ، نيٽ ورڪ جي بهتري (آپٽيمائيزيشن)، اسپيڪٽرم جي انتظام، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي شعبن ۾ ڊگهي مدي واري تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺڻ جي دعوت ڏني آهي. ڇنڇر ڏينهن ترڪيه جي دوري دوران، ترڪ سيل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر علي طحه ڪوچ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم ڊجيٽل ۽ ٽيڪنالاجي شعبن ۾ پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ‘پاڪستان-ترڪيه ڊجيٽل ڪوريڊور’ قائم ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ويزن جو ذڪر ڪيو جنهن جو مقصد علائقائي ڊجيٽل رابطن کي مضبوط ڪرڻ، سرحد پار محفوظ ڊيٽا جي مٽسٽا کي آسان بڻائڻ ۽ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر جي انضمام کي فروغ ڏيڻ آهي. پاڪستان ۾ تيزي سان ترقي ڪندڙ ڊجيٽل منظرنامي کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ترڪ سيل کي دعوت ڏني ته هُو پاڪستاني ادارن سان ڊگهي مدي واري تعاون جي امڪانن جو جائزو وٺي، جنهن ۾ 5G لاڳو ڪرڻ، نيٽ ورڪ جي بهتري (آپٽيمائيزيشن)، اسپيڪٽرم جي انتظام، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ ٽيڪنالاجي جي منتقلي شامل آهن، هن ڪمپني جي حوصلا افزائي ڪئي ته هُو ٽيليڪميونيڪيشن سامان جي مقامي تياري، سافٽ ويئر جي تياري، ڊجيٽل مهارتن جي فروغ ۽ صلاحيت وڌائڻ جي شعبن ۾ حصيداري تي غور ڪري. هن چيو ته اهڙي طرح جي تعاون سان پاڪستان جو ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم مضبوط ٿيندو ۽ ان سان گڏ جدت، روزگار ۽ پائيدار ترقي جا موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم شفاف ۽ سيڙپڪار دوست ڪاروباري ماحول برقرار رکڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو. ان عمل خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جو  تعاون شامل آهي ته جيئن اهم شعبن، خاص طور تي انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجيز ۾ اسٽريٽجڪ سيڙپڪاري کي آسان بڻائڻ بڻائي سگهجي. علي طحه ڪوچ پاڪستان جي حڪومت جي مستقبل تي ٻڏل ڊجيٽل تبديلي جي ايجنڊا کي ساراهيو ۽ ٽيليڪميونيڪيشن، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۾ تعاون جا موقعا ڳولڻ ۾ ترڪ سيل جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن لاڳاپيل پاڪستاني ڀائيوارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڪمپني جي عزم کي ورجايو ته جيئن گڏيل طور تي لاڀائتيوون ڀائيواريُون قائم ڪري سگهجن جيڪي پاڪستان ۽ ترڪيه جي گڏيل اقتصادي ۽ ٽيڪنالاجي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين.



 






 

مزید خبریں