اسلام آباد- 04 جولاءِ اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پ پ پ سينئر اڳواڻ فوزيه حبيب جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق مرحومه فوزيه حبيب، صدر آصف علي زرداري جي پهرين صدارتي دور (2013ع کان 2018ع) ۾ ايوان صدر جي عملي جي ميمبر طور به خدمتون انجام ڏنيون. صدر …
صدر آصف علي زرداري پاران قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پ پ اڳواڻ فوزيه حبيب جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 04 جولاءِ اي پي پي) صدر آصف علي زرداري، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ پ پ پ سينئر اڳواڻ فوزيه حبيب جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق مرحومه فوزيه حبيب، صدر آصف علي زرداري جي پهرين صدارتي دور (2013ع کان 2018ع) ۾ ايوان صدر جي عملي جي ميمبر طور به خدمتون انجام ڏنيون. صدر مملڪت، مرحومه جي پارٽي ۽ ملڪ لاءِ ڪيل خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته فوزيه حبيب جي جمهوريت، عوامي خدمت ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ ڪيل خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن لاءِ صبر جي دعا به ڪئي. صدر مملڪت چيو ته فوزيه حبيب جو لاڏاڻو پ پ پ لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. صدر مملڪت دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جوار رحمت ۾ جڳهه ڏي ۽ پوئنيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو ڏي.










