اسلام آباد - 04 جولاءِ اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته اسلام آباد پوليس ۾ 1712 آسامين تي ڀرتيون جاري آهن، ميرٽ ئي ڀرتين لاءِ چونڊ جو واحد معيار هوندو. ڇنڇر ڏينهن ايڪس تي اسلام آباد پوليس ۾ ڀرتين جو اشتهار شيئر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ وڏي انتظار بعد سونهري موقعو اچي ويو آهي، …
اسلام آباد پوليس ۾ 1712 آسامين تي ڀرتيون جاري آهن، ميرٽ تي ئي ڀرتين لاءِ چونڊ ئي واحد معيار هوندو: محسن نقوي
اسلام آباد – 04 جولاءِ اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي، ته اسلام آباد پوليس ۾ 1712 آسامين تي ڀرتيون جاري آهن، ميرٽ ئي ڀرتين لاءِ چونڊ جو واحد معيار هوندو. ڇنڇر ڏينهن ايڪس تي اسلام آباد پوليس ۾ ڀرتين جو اشتهار شيئر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ هڪ وڏي انتظار بعد سونهري موقعو اچي ويو آهي، ۽ اسلام آباد پوليس ۾ 1712 آسامين تي ڀرتيون جاري آهن، جيڪڏهن اوهان پاڪستان جي خدمت، عزت، بهادري ۽ ديانتداري سان ڪرڻ جو جذبو رکو ٿا ته هي اوهان لاءِ بهترين موقعو آهي، پاڪستان جي ڪنهن به صوبي، علائقي يا خطي سان تعلق رکندڙ اميدوار درخواستون ڏئي سگهن ٿا. ڀرتي جي ٽيسٽ اوهان جي ويجهي علائقن ۾ منعقد ڪئي ويندي. درخواست جمع ڪرائڻ ۾ صرف 4 ڏينهن باقي آهن، ان لاءِ ان موقعي کي هرگز ضايع نه ڪيو. هن واضح طور تي چيو ته انهن ڀرتين لاءِ ميرٽ ئي چونڊ جو واحد معيار هوندو. ڀرتي جي عمل تي اثر انداز ٿيندڙ يا ڪنهن به قسم جي سفارش يا دٻاءَ جي ڪوشش ڪندڙ اميدوار کي فوري طور نااهل قرار ڏنو ويندو. هن چيو ته اسلام آباد پوليس جو حصو بڻجو ۽ پاڪستان جي خدمت فخر سان ڪيو. هن چيو ته npftas.pk تي آن لائين درخواست ڏيو.











