اسلام آباد - 04 جولاءِ اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناء الله چيو آهي، ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت کي سياسي بلوغت جو مظاهرو ڪندي آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ گهرجي، چونڊون آئين ۽ قانون موجب مقرره وقت تي ئي ٿينديون. ڇنڇر تي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ پاران آزاد ڄمون …
پي ٽي آءِ جو آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊن جي بائيڪاٽ جو فيصلو سياسي اڻپختگي ۽ غير مناسب سياسي رويي جي عڪاسي ڪري ٿو: راڻا ثناء الله
اسلام آباد – 04 جولاءِ اي پي پي) سياسي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناء الله چيو آهي، ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت کي سياسي بلوغت جو مظاهرو ڪندي آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ گهرجي، چونڊون آئين ۽ قانون موجب مقرره وقت تي ئي ٿينديون. ڇنڇر تي نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ پاران آزاد ڄمون ڪشمير جي چونڊن جو بائيڪاٽ جو فيصلو سياسي اڻپختگي ۽ غير مناسب سياسي رويي جي عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته حالتون جهڙيون به هجن پي ٽي آءِ کي چونڊ عمل جو حصو وٺڻ گهرجي. هن چيو ته قانون گهرجون پوريون ڪندي چونڊون مقرره وقت تي ٿينديون ۽ ان ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿيندي. راڻا ثناء الله چيو ته مختلف تڪن ۾ اميدوار ڀرپور انداز ۾ ميدان ۾ لهندا ۽ سخت مقابلي جي توقع آهي. ڪيترن ئي تڪن ۾ اميدوارن جو تعداد وڌڻ جو امڪان آهي. هن پي ٽي آءِ جي موقف تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهو طرز عمل رهيو ته اهو امن ۽ استحڪام جي مخالف ڌرن جي بيانئي سان هڪجهڙائي رکي ٿو، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي.











