وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري جي عالمي ميري ٽائم تنظيم جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات

استنبول- 04 جولاءِ اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته بندرگاهن جي جديد ڪاري ۽ سامونڊي سيڙپڪاري حڪومت جي ترجيحن ۾ آهن. ڇنڇر ڏينهن سامونڊي معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير استنبول ۾ عالمي ميري ٽائم تنظيم (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل ارسينيو ڊومينگز سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي بحري شعبي ۾ جاري سڌارن، سيڙپڪاري، بليو …

استنبول- 04 جولاءِ اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته بندرگاهن جي جديد ڪاري ۽ سامونڊي سيڙپڪاري حڪومت جي ترجيحن ۾ آهن. ڇنڇر ڏينهن سامونڊي معاملن واري وزارت مان جاري بيان مطابق وفاقي وزير استنبول ۾ عالمي ميري ٽائم تنظيم (آءِ ايم او) جي سيڪريٽري جنرل ارسينيو ڊومينگز سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي بحري شعبي ۾ جاري سڌارن، سيڙپڪاري، بليو اڪانومي ۽ ماحول دورست قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير، تنظيم جي سيڪريٽري کي پاڪستان ۾ بندرگاهن جي جديد ڪاري، بحري شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ بليو اڪانومي جي ترقي لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت ميري ٽائم سيڪٽر کي جديد رخن تي آڻڻ، پائيدار ترقي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ عالمي تعاون جي فروغ لاءِ جامع سڌارن تي عمل پيرا آهي. ملاقات دوران ٻنهي طرفان شپ ري سائيڪلنگ، بليو اڪانومي، ميري ٽائم گورننس ۽ ماحولياتي تحفظ جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو. وفاقي وزير سامونڊي ماحول جي تحفظ لاءِ پاڪستان ۾ مينگرووز جي وڻڪاري سميت ٻين ماحول دوست قدمن تي به روشني وڌي. ان موقعي تي تنظيم جي سيڪريٽري جنرل، پاڪستان جي ميري ٽائم شعبي ۾ جاري سڌارن ۽ تازي اڳڀرائي کي ساراهيندي شپ ري سائيڪلنگ، بليو اڪانومي ۽ ميري ٽائم گورننس جي فروغ لاءِ حڪومتي ڪوششن جي تعريف ڪئي. هن مينگرووز جي وڻڪاري کي به ماحولياتي تحفظ لاءِ هڪ هاڪاري ۽ تعريف جوڳو قدم قرار ڏنو. هن پاڪستان جي دوري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪندي جلد پاڪستان اچڻ جو اشارو ڏنو ته جيئن ميري ٽائم شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائي سگهجي ۽ جاري منصوبن جو جائزو وٺي سگهجي. ملاقات جي پڄاڻي تي ٻنهي ڌرين پاڪستان ۽ عالمي ميري ٽائم تنظيم وچ ۾ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ته جئين محفوظ، پائيدار ۽ جديد بحري نظام کي هٿي وٺرائڻ سان بليو اڪانومي سان لاڳاپيل موقعن مان ڀرپور فائدو کڻي سگهجي.