اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان جنيوا ۾ انڊونيشيا جي صحت واري وزير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صحت واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي …
صحت واري وفاقي وزير سان جنيوا ۾ انڊونيشيا جي صحت واري وزير جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال سان جنيوا ۾ انڊونيشيا جي صحت واري وزير ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صحت واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات دوران پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ ۾ صحت جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ۽ انڊونيشيا وچ۾ ڀائراڻا مضبوط لاڳاپا موجود آهن، جن کي صحت جي شعبي ۾ وڌايو ويندو. مصطفيٰ ڪمال پاڪستان ۾ مقامي سطح تي ويڪسين جي تياريءَ کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو ته حڪومت ويڪسين سازي جي قومي صلاحيت وڌائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته ان مقصد لاءِ انڊونيشيا پاڪستان جو هڪ اهم ۽ ڀروسي جوڳو حصيدار آهي ۽ پاڪستان انڊونيشيا جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ تجربن مان ڀرپور فائدو کڻڻ چاهي ٿو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ مقامي سطح تي ويڪسين سازيءَ جي اڳڀرائي ۽ جاري قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. انڊونيشيا جي صحت واري وزير خاطري ڪرائي ته سندس ملڪ ويڪسين سازي، ٽيڪنالاجيءَ جي منتقلي وڌائڻ جي حوالي سان پاڪستان سان هر ممڪن تعاون ڪندو. ٻنهي وزيرن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام کي جديد، معياري ۽ مؤثر طبي سهولتن جي فراهميءَ لاءِ گڏيل طور تي ڪم جاري رکيو ويندو.









