اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته وفاقي حڪومت ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان ۾ صحت جي نظام جي بهتريءَ لاءِ بنيادي صحت جي مرڪزن کي مضبوط بنائڻ پهرين ترجيح آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده نظام ۾ اصل کوٽ ان سطح تي ڏٺي وڃي ٿي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته حڪومت ان حقيقت کان چڱيءَ ريت واقف آهي …
حڪومت بنيادي صحت سهولتن ۾ موجود خال کي ڀرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي: مصطفيٰ ڪمال

مزید خبریں
اسلام آباد-03 جولاءِ (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته وفاقي حڪومت ان عزم کي ورجايو آهي ته پاڪستان ۾ صحت جي نظام جي بهتريءَ لاءِ بنيادي صحت جي مرڪزن کي مضبوط بنائڻ پهرين ترجيح آهي، ڇاڪاڻ ته موجوده نظام ۾ اصل کوٽ ان سطح تي ڏٺي وڃي ٿي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته حڪومت ان حقيقت کان چڱيءَ ريت واقف آهي ته ملڪ ۾ صحت جو نظام ان انداز ۾ ڪم نه ڪري رهيو آهي جيئن ان کي ڪرڻ گهرجي ها. خاص طور تي بنيادي صحت سهولتن ۾ موجود خال سبب عوام سڌيءَ ريت وڏن ۽ ٽئين درجي جي اسپتالن جو رُخ ڪري ٿو، جنهن سان هي ادارا غير ضروري بار جو شڪار ٿين ٿا. هن چيو ته ٽئين درجي جي اسپتالن ۾ ايندڙ تقريبن 70 سيڪڙو مريض اهڙا هوندا آهن جو علاج بنيادي يا ثانوي سطح تي ممڪن هو، پر گهرن کان اسپتالن تائين جي سفر ۾ مناسب سهولت نه هئڻ سبب هو وڏين اسپتالن تائين پهچي وڃن ٿا. ان صورتحال جو ذميدار عوام نه پر نظام ۾ موجود خال آهي جنهن کي حڪومت ڀرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومتي نمائشي منصوبن بدران ٺوس ۽ جٽادار سڌارن تي ڪم ڪري رهي آهي. ويزن هي آهي ته مستقبل ۾ ريفرل سسٽم کي اثرائتو بڻايو وڃي ته جيئن صرف اهي مريض ٽئين درجي جي اسپتالن ۾ وڃن جتي باقاعده کين ريفر ڪيو ويو هجي، جڏهن ته 90 سيڪڙو مريضن جو علاج سندن گهرن جي ويجهو بنيادي صحت مرڪزن ۾ ممڪن بڻايو وڃي.










