صدر پاران زوب-شيراني هاءِ وي تي مسافر بس جي حادثي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد۔03 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زوب-شيراني هاءِ وي تي مسافر بس جي حادثي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن ايوانِ صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت جي دعا ۽ پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن زخمين جي جلد ۽ مڪمل …

اسلام آباد۔03 جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زوب-شيراني هاءِ وي تي مسافر بس جي حادثي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جمعي جي ڏينهن ايوانِ صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي لاءِ مغفرت جي دعا ۽ پونئرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن زخمين جي جلد ۽ مڪمل صحتيابي لاءِ دُعا ڪندي لاڳاپيل ادارن کي زخمين کي هر ممڪن ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر چيو ته هن افسوسناڪ سانحي تي پُوري قوم متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي.