سڌارن جي ڊگهي مُدي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ترقياتي حصيدارن سان ويجهو تعاون جاري آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير

اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت سڌارن جي ڊگهي مُدي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن سان ويجهو تعاون جاري رکيو پيو اچي. هن اها ڳالهه خميس تي ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد ۾ اداري جو ساورن ريٽنگ …

اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت سڌارن جي ڊگهي مُدي جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن سان ويجهو تعاون جاري رکيو پيو اچي. هن اها ڳالهه خميس تي ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد ۾ اداري جو ساورن ريٽنگ بابت ڊائريڪٽر فارن فوا ۽ ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر جيوليا فلوڪا شامل هيون. ملاقات ۾ پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ پروفائل، معيشت جي مجموعي منظرنامي ۽ حڪومت جي جامع اقتصادي سڌاره جاتي پروگرام تي ٿيل اڳڀرائي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي بنيادي اهڃاڻن ۾ نمايان بهتري تي روشني وڌي ۽ چيو ته مضبوط اقتصادي اؤسر، مالياتي نظم و ضبط، سرڪاري قرضن جي وڌيڪ پائيدار ڍانچي ۽ ٻاهرين شعبي جي وڌندڙ مضبوطيءَ سان ملڪي معيشت کي استحڪام مليو آهي. مالي سال 27-2026ع جو بجيٽ ترقي دوست ۽ مالياتي ذميداريءَ جي اصولن تي ٻَڌل آهي جيڪو معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته دانشمنداڻين معاشي حڪمت عملين، پاليسين تي مؤثر ۽ منظم عملدرآمد ۽ مسلسل ڍانچه جاتي سڌارن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ۾ نمايان استحڪام آيو آهي، انهن سڌارن عيوض مهانگائي ۾ خاطرخواه گهٽتائي، مٽاسٽا جي ناڻن جي ذخيرن ۾ واڌ، ٻاهرين شعبي جي مضبوط، سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بحالي ۽ مالياتي ۽ ٻاهرين شعبي جي اهم اهڃاڻن ۾ مسلسل بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي، جيتوڻيڪ خطي ۽ عالمي سطح تي معاشي حالتون اڃا به چئلينجنگ آهن. ناڻي واري وزير پاڪستان جي سرڪاري قرضن جي صورتحال ۾ بهتريءَ جو به تفصيل سان ذڪر ڪندي چيو ته مجموعي قومي پيداوار جي ڀيٽ ۾ قرضن جي تناسب ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي جڏهن ته مرڪزي حڪومت جي قرضن ۾ واڌ جي رفتار گذريل تقريبن 15 سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي وئي آهي، بقايائن جي مؤثر انتظام، قرضن جي وقت کان اڳ واپسي، مقامي قرضن جي ادائگين جي مدت ۾ واڌ، تاريخي طور تي گهٽ مالياتي خساري ۽ رڪارڊ پرائمري سرپلس حاصل ڪرڻ ملڪي مالياتي پوزيشن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو آهي، محصولن ۾ واڌ ۽ سرڪاري خرچن جي محتاط انتظام مالياتي پائيداري کي هٿي ڏني آهي ۽ پاڪستان جي خودمختار ڪريڊٽ اهليت جي بنيادن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. وفد کي حڪومت جي جاري ڍانچه جاتي سڌارن جي پروگرام کان به آگاهه ڪيو جنهن جو محور ٽيڪس نظام، توانائيءَ جو شعبو، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي  نجڪاري، بهتر طرزِ حڪمراني ۽ سرڪاري مالياتي نظم و نسق آهي ته جيئن نجي شعبي جي قيادت ۾ پائيدار ۽ روانگي واپار تي ٻَڌل اقتصادي ترقيءَ کي هٿي ڏئي سگهجي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت جو سڌارن جي ايجنڊا جنهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ جي توسيعي فنڊ سهولت ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسيلٽي تحت ڪيل سڌارن وارا قدم به شامل آهن، ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن، پروگرام جا جائزا ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيا آهن ۽ سمورن اهم سڌارا جاتي هدفن کي وقت سر حاصل ڪيو پيو وڃي. هن وڌيڪ ٻُڌايو ته حڪومت ملڪ جي ڊگهي مُدي جي سڌارا جاتي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آءِ ايم ايف، عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين ترقياتي حصيدارن سان ويجهو تعاون جاري رکيو پيو اچي. ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي وفد پاڪستان جي معاشي استحڪام کي حاصل ڪرڻ ۾ ٿيل اڳڀرائي جو اعتراف ڪندي مالياتي نظم و ضبط، قرضن جي پائيدار، ٻاهرين شعبي جي مضبوطي ۽ بناوتي سڌارن جي حوالي سان حڪومت جي عزم کي ساراهيو. وفد ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم سان پاڪستان جي وچين مُدي جي معاشي صورتحال، سڌاره جاتي ترجيحن ۽ ملڪ جي خودمختار ڪريڊٽ پروفائل کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ لاءِ اختيار ڪيل قدمن تي به تعميري ۽ مفيد خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

مزید خبریں