اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان چين جي شيڊونگ گروپ ڪارپوريشن جي چيئرمين هاجيان شِن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات دوران هاجيان شِن پاڪستان جي توانائي ويليو چين ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ پنهنجي ڪمپنيءَ جي گهري دلچسپيءَ …
چيني گروپ جي پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ وڏي سيڙپڪاري جي تجويز

مزید خبریں
اسلام آباد-02 جولاءِ (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان چين جي شيڊونگ گروپ ڪارپوريشن جي چيئرمين هاجيان شِن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سهڪار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ملاقات دوران هاجيان شِن پاڪستان جي توانائي ويليو چين ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ پنهنجي ڪمپنيءَ جي گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو ۽ ڊگهي مُدي جي اسٽريٽجڪ ڀائيواريءَ جي تجويز پيش ڪئي. هن ٻُڌايو ته شينڊونگ گروپ اپ اسٽريم آئل اينڊ گيس آپريشنز فيلڊ آپٽيمائزيشن، ڊرلنگ سروسز ۽ پيداوار ۾ واڌ جي شعبن ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ مهارت رکي ٿو ۽ پاڪستان ۾ هائيڊرو ڪاربان جي پيداوار وڌائڻ لاءِ سهڪار جو خواهشمند آهي. شينڊونگ گروپ جي چيئرمين ريفائنرين جي جديد ڪاري خاص ڪري فرنس آئل کي اعليٰ قيمت جي ريفائنڊ پيٽروليم شين ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ فلوئيڊ ڪيٽاليٽڪ ڪريڪنگ (ايف سي سي) يونٽ لڳائڻ ۾ به دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۾ توانائيءَ بابت اوزارن جي تياري جي هڪ پيداواري مرڪز جي قيام جي تجويز پڻ پيش ڪئي جيڪا نه صرف ملڪي ضرورتون پوري ڪري پر وچ اوڀر جي مارڪيٽن لاءِ روانگي واپار جو ذريعو پڻ بڻجي سگهجي. هن آف شور آئل جي تلاش ۽ ترقيءَ جي شعبي ۾ ڪمپنيءَ جي مهارت کان آگاهه ڪندي پاڪستان جي آف شور سيڪٽر ۾ گڏيل سهڪار جي تجويز پيش ڪئي. هن ليڊ مائننگ، سلفر پروسيسنگ پلانٽ جي قيام ۽ پاڪستان جي سامونڊي علائقن ۾ مربوط انرجي سٽيز جي قيام بابت تجويزون پڻ پيش ڪيون. ان توانائيءَ تي ٻَڌل صنعتي مرڪزن ۾ ايل اين جي انفراسٽرڪچر، پيٽروليم ذخيره گاهن ۽ پيٽرو ڪيميڪل صنعتون شامل آهن جن جو مقصد صنعتي ترقي ۽ توانائي جي تحفظ کي هٿي ڏيڻ آهي. وفاقي وزير علي پرويز ملڪ وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان توانائيءَ جي شعبي جو جامع جائزو وٺي رهيو آهي جنهن جو مقصد توانائيءَ جي تحفط کي مضبوط بنائڻ، سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ پوري شعبي ۾ ويليو ايڊيشن کي وڌائڻ آهي. هن شينڊونگ گروپ جي پاسڪتان ۾ سيڙپڪاريءَ ۾ دلچسپيءَ کي ساراهيندي وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت عمل جوڳي سيڙپڪاري جي تجويزن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. وفاقي وزير پيٽروليم ڊويزن کي چيني ڪمپني جي سمورين تجويزن تي فوڪل پرسنز مقرر ڪري فوري اڳڀرائي جي هدايت ڪئي ته جيئن ڪمپني سان رابطن کي مؤثر بڻائي سگهجي ۽ تجويزن تي وقت سر اڳڀرائي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن شينڊونگ گروپ جي پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اسٽريٽجڪ شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم کي ساراهيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان قسم جون حصيداريون پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ توانائي جي شعبي جي تبديليءَ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪنديون.










