اسلام آباد - 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مالي سال 26 – 2025ع جي لاءِ تاريخي روينيو هدف حاصل ڪرڻ کي سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪس نيٽ ۾ توسيع، شفافيت ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي ايف بي آر سڌارن جون اولين ترجيحون آهن، گذريل اڍائي سال کان جاري سڌارن، ڊيجيٽائيزيشن ۽ ٽيم ورڪ جي ڪري ايف بي آر رڪارڊ ٽيڪس گڏ …
ٽيڪس نيٽ ۾ توسيع، شفافيت ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي ايف بي آر سڌارن جون اولين ترجيحون آهن، ايف بي آر ۾ ڪرپٽ عنصرن جي ڪا جڳهه نه آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايف بي آر جي سينيئر آفيسرن سان ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مالي سال 26 – 2025ع جي لاءِ تاريخي روينيو هدف حاصل ڪرڻ کي سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته ٽيڪس نيٽ ۾ توسيع، شفافيت ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي ايف بي آر سڌارن جون اولين ترجيحون آهن، گذريل اڍائي سال کان جاري سڌارن، ڊيجيٽائيزيشن ۽ ٽيم ورڪ جي ڪري ايف بي آر رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي، مالي سال 26 – 2025ع ۾ اٽڪل 600 ارب رپين جي ٽيڪس ريفنڊز جي وقت سر ادائيگي سان ڪاروباري برادري کي سهولت ۽ روانگي واپار جي فروغ ۾ مدد ملي، روينيو گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ ٽيڪس ڏيندڙن، ڪاروباري ۽ صنعتي برادري کي سهولتن جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، ايف بي آر ۾ ڪرپٽ عنصرن جي ڪا جڳهه نه آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار فيڊرل بورڊ آف روينيو جي سينيئر آفيسرن سان ڳالهائيندي ڪيو جن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم گذريل مالي سال ۾ 12.957 کرب رپين جي اوڳاڙين جو هدف عبور ڪرڻ تي ايف بي آر جي آفيسرن جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته مالي سال 26 – 2025ع جي لاءِ تاريخي روينيو هدف حاصل ڪرڻ هڪ سنگ ميل آهي، سڀني کي جدا جدا ۽ ايف بي آر جي سموري عملي کي گڏيل طور تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مالي سال 26 – 2025ع ۾ اٽڪل 600 ارب رپين جي ٽيڪس ريفنڊز جي وقت سر ادائيگي سان ڪاروباري برادري کي سهولت ۽ روانگي واپار جي فروغ ۾ مدد ملي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز ۽ آفيسر انهي جذبي سان ڪم ڪندي هلندڙ مالي سال 15 کرب رپين کان وڌيڪ اوڳاڙين جو هدف حاصل ڪندا. نمايان ڪارڪردگي تي وزيراعظم نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، ايف بي آر چيئرمين راشد لنگڙيال، ناڻي واري سيڪريٽري امداد الله بوسال، معاشي ٽيم جي ٻين ميمبرن ۽ ايف بي آر آفيسرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ آفيسرن کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چيو ته جن آفيسرن ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ پنهنجي جانين جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ٽيڪس ۽ ڪسٽم ڊيوٽي جي لاڳو ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، انهن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، ايف بي آر ۾ گذريل اڍائي سالن کان جاري سڌارن، ڊيجيٽائيزيشن تي ڌيان ڏيڻ ۽ ٽيم ورڪ جي ڪري ايف بي آر رڪارڊ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي معاملن تي مهيني ۾ ٻه ڀيرا جائزه اجلاسن جي صدارت مون پاڻ ڪئي ڇو ته ايف بي آر ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ايجنڊا آهي، اسان ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز ۾ سٺي شهرت رکندڙ آَفيسرن جي مقرري يقيني بڻائي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر ۾ ڪرپٽ عنصرن جي ڪا جڳهه نه آهي، روينيو گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ ٽيڪس ڏيندڙن، ڪاروباري ۽ صنعتي برادري کي سهولتن جي فراهمي ترجيح هجڻ گهرجي، ايف بي آر ۾ جاري سڌارن جي رفتار ۾ وڌيڪ تيزي آندي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته ٽيڪس نيٽ ۾ توسيع، شفافيت ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي سهولتن جي فراهمي ايف بي آر سڌارن جي اولين ترجيح آهي، ايف بي آر جو نئون آپريٽنگ ماڊل هڪ ڊيجيٽل ۽ گهٽ کان گهٽ انساني مداخلت تي ٻڌل فيس ليس ٽيڪس نظام تي ٻڌل هوندو. وزيراعظم پاڪستان ڪسٽمز سروس ۽ ان لينڊ روينيو سروس جي آفيسرن جي ترقي ۽ سروس کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ اعلى سطحي ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. آفيسرن جي وفد ايف بي آر تي خصوصي ڌيان ڏيڻ ۽ ڪارڪردگي کي ساراهڻ تي وزيراعظم جا ٿورا ادا ڪيا. وفد جي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي ملڪ جي مختلف علائقن جي فيلڊ فارميشنز جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي لارج ٽيڪس پيئر يونٽ جون 2026ع دوران 528 ارب رپين جو روينيو گڏ ڪيو، لاهور لارج ٽيڪس پيئر يونٽ جون 2026ع دوران 261 ارب رپيا گڏ ڪيا، گذريل هڪ سال دوران ايئرپورٽ تي ڪسٽم ڊيوٽي جي ڪاٿي ۾ 21 سيڪڙو اضافو ٿيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، ناڻي ۽ ريلوي وارو مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، ايف بي آر چيئرمين راشد محمود لنگڙيال ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.










