وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 کان 5 جولاءِ تائين ايران ۽ ترڪيه جو سرڪاري دورو ڪندو

اسلام آباد - 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 کان 5 جولاءِ تائين ايران ۽ ترڪيه جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي خميس ڏينهن پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان دوري ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ٻين وفاقي وزيرن سميت اعلى عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي شهيد سپريم ليڊر …

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 کان 5 جولاءِ تائين ايران ۽ ترڪيه جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي خميس ڏينهن پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان دوري ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، ٻين وفاقي وزيرن سميت اعلى عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت جي لاءِ ايران ويندو. وزيراعظم پاڪستاني عوام ۽ حڪومت پاران ايراني قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪندو ۽ ان گهري ڏک جي گهڙيءَ ۾ ڀائر ايراني قوم سان پاڪستان جي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي دعوت تي استنبول ويندو جتي هو ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. ٻئي اڳواڻ علائقائي امن ۽ سلامتي بابت معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. استنبول ۾ قيام دوران وزيراعظم پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ بزنس ڪانفرنس کي پڻ خطاب ڪندو جنهن جو مقصد خصوصي اقتصادي زونز، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي) ۽ نجڪاري سميت ترجيحي شعبن ۾ پاڪستان جي واپار ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪرڻ آهي. ان ڪانفرنس ۾ ترڪيه جي ناليواري ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن کانسواءِ سرڪاري عملدار ۽ ٻيا معزز پڻ شرڪت ڪندا. ايران ۽ ترڪيه جا اهي دورا ٻنهي ڀائر ملڪن سان پاڪستان جي گهري تاريخي، ثقافتي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن جي عڪاسي ڪن ٿا.