رياض-02 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۽ پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽيءَ جي شعبي ۾ هڪ اهم مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. سعودي عرب جي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف پنهنجي پوسٽ ۾ ٻُڌايو ته هن پنهنجي اعليٰ قيادت جي هدايت تحت پاڪستاني هم منصب، گهرو وفاقي وزير …
پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ سيڪيورٽي سهڪار جو معاهدو، گهرو وزير پاران رياض ۾ 911 سينٽر جو دؤرو
رياض-02 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ سعودي عرب ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڀائيواري ۽ پُراڻن ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽيءَ جي شعبي ۾ هڪ اهم مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. سعودي عرب جي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف پنهنجي پوسٽ ۾ ٻُڌايو ته هن پنهنجي اعليٰ قيادت جي هدايت تحت پاڪستاني هم منصب، گهرو وفاقي وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي. ان اهم ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي سيڪيورٽي سهڪار کي مضبوط بنائڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ صحيح ٿيل معاهدي کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي گهرن ۽ مستحڪم ناتن جو عڪاس قرار ڏنو. پنهنجي ان دؤري دوران گهرو وزير محسن نقوي رياض ريجن ۾ واقع جديد ترين يونيفائيڊ سيڪيورٽي آپريشنز سينٽر (911) جو تفصيلي معائنو پڻ ڪيو. هن سينٽر جي مختلف شعبن جودؤرو ڪيو جتي کيس سمورن لاڳاپيل سيڪيورٽي ۽ سروسز جي ادارن وچ ۾ بهترين هم آهنگي، رابطن ۽ لاڳو ڪرڻ کي برقرار رکڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ جديد ترين ٽيڪنالاجيز بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. محسن نقوي شهرين، مقامي ماڻهن ۽ زائرين لاءِ هنگامي رپورٽس تي انتهائي تيز رفتار ۽ درست ردعمل (ڪوئيڪ ريسپانس) کي يقيني بنائڻ لاءِ سعودي عملدارن جي ڪوششن ۽ جديد فني نظام کي خاص طور تي ساراهيو. واضح رهي ته رياض ريجن جو هي مرڪزي آپريشنز سينٽر سعودي عرب جي اهم ترين سيڪيورٽي انفراسٽرڪچر ۾ شمار ٿئي ٿو جيڪو رياض شهر کان علاوه خطي جي 22 گورنريٽس کي پنهنجون خدمتون فراهم ڪري رهيو آهي. هڪ ئي ڇِت هيٺان قائم ان جديد ترين ڪنٽرول روم ۾ 62 آپريشنل ورڪنگ يونٽس 24 ڪلاڪ متحرڪ رهن ٿا. سيڪيورٽي ۽ هنگامي خدمتن جو هي مضبوط نظام سعودي عرب جي ويزن 2030ع ۽ ڪوائلٽي آف لائف پروگرام جي اعليٰ هدفن تحت ڪم ڪري رهيو آهي.











