وزيراعظم پاران عوامي خدمت واري ايجنڊا کي وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي وڌائڻ  ۽ عوامي مسئلن جي حل کي اوليت ڏيڻ جي هدايت

اسلام آباد- 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي خدمت واري ايجنڊا کي وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي وڌائڻ  ۽ عوامي مسئلن جي حل کي اوليت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير امير مقام سان ڳالهائيندي ڪيو ته جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات …

اسلام آباد- 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي خدمت واري ايجنڊا کي وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي وڌائڻ  ۽ عوامي مسئلن جي حل کي اوليت ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير امير مقام سان ڳالهائيندي ڪيو ته جنهن خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب ملاقات ۾ پبلڪ افيئرز يونٽ جو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، توانائي بابت مملڪتي وزير عبدالرحمان خان ڪانجو ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طلحهٰ برڪي پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته عوامي خدمت جي ايجنڊا کي وڌيڪ تيزيءَ سان اڳتي وڌايو وڃي ۽ عوامي مسئلن جي حل کي اوليت ڏني وڃي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ترقي، خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا ويندا.













 
مزید خبریں