اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي اصل طاقت ايٽم به نه پر نوجوان نسل آهي، قومن جي حقيقي ترقي معدني وسيلن سان نه پر انساني وسيلن، معياري تعليم، جديد مهارتن ۽ پاليسين جي تسلسل سان واڳيل هوندي آهي، مستقبل انهن قومن جو هوندو آهي جيڪي پنهنجي نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪن ٿيون. هن اربع …
پاڪستان جي اصل طاقت ايٽم به نه پر نوجوان نسل آهي، نوجوانن تي سيڙپڪاري ئي روشن مستقبل جي ضمانت آهي: پروفيسر احسن اقبال
اسلام آباد- 01 جولاءِ (اي پي پي)رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان جي اصل طاقت ايٽم به نه پر نوجوان نسل آهي، قومن جي حقيقي ترقي معدني وسيلن سان نه پر انساني وسيلن، معياري تعليم، جديد مهارتن ۽ پاليسين جي تسلسل سان واڳيل هوندي آهي، مستقبل انهن قومن جو هوندو آهي جيڪي پنهنجي نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪن ٿيون. هن اربع ڏينهن هتي اُڏام پاڪستان ڌرتيءَ جي پُڪار اوورسيز پاڪستانيز سمر اسڪالرز پروگرام 2026ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير ٻُڌايو ته پروگرام لاءِ دنيا جي 54 ملڪن مان تقريبن 2 هزار درخواستون وصول ٿيون، انتهائي شفاف ۽ ميرٽ تي ٻَڌل چونڊ عمل کان پوءِ دنيا جي 150 ناليوارين يونيورسٽين سان تعلق رکندڙ 45 غير معمولي اوورسيز پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي چونڊيو ويو، وفاقي وزير چونڊيل اسڪالرز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته هو هڪ سخت ۽ شفاف مقابلي مان گذري ان مقام تائين پهتا آهن. احسن اقبال چيو ته ٻن مهينن تي ٻَڌل هي پروگرام اوورسيز پاڪستاني شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پاڪستان جي مختلف قومي ادارن ۾ عملي تجربو حاصل ڪرڻ، پاليسي سازي جي عمل کي ويجهڻ کان سمجهڻ ۽ ملڪي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو منفرد موقعو فراهم ڪندو. هن سال پروگرام جي هڪ هڪ منفرد خصوصيت اها به آهي ته پاڪستاني شاگردن سان بنگلاديش، انڊونيشيا ۽ قازقستان سان تعلق رکندڙ غير ملڪي اسڪالرز به شريڪ آهن جيڪي ان پروگرام جي عالمي اهميت ۽ وڌندڙ عالمي پذيرائي جو واضح ثبوت آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه هفتن دوران اها نوجوان رٿابندي واري وزارت جي سينيئر قيادت سان گڏجي اُڏام پاڪستان جي فائيو ايز فريم ورڪ يعني روانگي واپار، توانائي، ماحوليات، اِي پاڪستان ۽ مساوات ۽ بااختيار بنائڻ تحت قومي ترقي جي مختلف شعبن ۾ پنهنجي مختلف سوچ، عالمي تجربن ۽ نين تجويزن کان پاليسي سازي جي عمل کي هٿي ڏيندا ته جيئن علم کي عملي قومي حل ۾ تبديل ڪري سگهجي. وفاقي وزير چيو ته انهن سڀني کان اهم مشن پاڪستان جي نوجوانن جي تعمير آهي، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ملڪ جي ڪاميابيءَ جو راز ان جي قدرتي وسيلن مان ناهي پر ان جي انساني وسيلن، تعليم ۽ مهارتن ۾ لڪل هوندو آهي، جڏهن ته (ن) ليگ کي ملڪ جي خدمت جو موقعو مليو، نوجوانن کي معياري تعليم، جديد مهارتن ۽ عالمي معيار جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح رهي. (ن) ليگ جي حڪومت ملڪ کي توانائي بحران ۽ دهشتگرديءَ جهڙن سنگين چئلينجز مان ڪڍڻ، جديد انفراسٽرڪچر تعمير ڪيو، چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جهڙن تاريخي رٿائن جي شروعات ڪئي ۽ نوجوانن کي بهتر تعليم، مهارتن ۽ ترقيءَ جا نوان موقعا فراهم ڪيا. هن چيو ته 2017ع ۾ عالمي اداري پرائيس واٽر هائوس کي آڇ ڪئي ته جيڪڏهن پاڪستان ترقيءَ جي ان ئي رفتار سان اڳتي وڌندو رهيو ته 2030ع تائين دنيا جي 20 وڏين معيشتن ۾ شامل ٿي ويندو، پر بعد ۾ هڪ مصنوعي سياسي تبديليءَ جي نتيجي ۾ ملڪ شديد معاشي بحران جو شڪار ٿيو ۽ ڊفالٽ جي چائنٺ تائين پهچي ويو، 2022ع ۾ جڏهن موجوده حڪومت ذميداريون سنڀاليون ته پاڪستان انتهائي ڏُکي معاشي صورتحال مان گذري رهيو هو، پر حڪومت پنهنجي سياست کان وڌيڪ رياست کي بچائڻ کي ترجيح ڏني ۽ سخت فيصلا ڪندي معيشت کي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪيو، اڄ دنيا پاڪستان کي ڊفالٽ خطري مان نڪرندڙ هڪ ڪامياب معيشت طور تي ڏسي رهي آهي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي معاشي بحالي کي ساراهيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي بيشمار قدرتي وسيلن، معدني ذخيرن ۽ محنتي افرادي سگهه سان نوازيو آهي، پر امن ۽ استحڪام جي فقدان، پاليسين ۾ عدم تلسلس، سياسي عدم استحڪام ۽ مسلسل سڌارن جي گهٽتائي اهي بنيادي عمل آهن جن کي قومي ترقيءَ جي رفتار متاثر ڪيو. احسن اقبال چيو ته پاڪستان جي تقريبن 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻَڌل آهي، ان لاءِ تياست تي اها وڏي ذميداري لاڳو ٿئي ٿو ته کين معياري تعليم، بهترينص حت، جديد مهارتون ۽ عزت ڀرئي روزگار جا مساوي موقعا فراهم ڪيا وڃن، پاڪستان ويجهي عرصي ۾ سفارتي محاذ تي تاريخي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو هاڪاري ڪردار کي ساراهيو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته اڄ اهي نوجوان دنيا جي ناليوارين يونيورسٽين ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن ۽ حقيقت ۾ پاڪستان جا سفير آهن. ان پروگرام جو مقصد کين قومي ترقيءَ جي عمل سان جوڙڻ، حڪومتي نظام سان روشناس ڪرائڻ ۽ اهڙو عملي تجربو فراهم ڪرڻ آهي جيڪو سندن مستقبل ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري. احسن اقبال اسڪالرز کي مخاطب ٿيندي چيو ته رٿابندي واري وزارت جي تجربو رکندڙ آفيسرن سان ڪم ڪندي هو مختلف شعبن ۾ قيمتي تجربو حاصل ڪندا. جيتوڻيڪ اهو پروگرام مختصر مُدت تي ٻَڌل آهي جڏهن ته هو انهن ڇهن هفتن کي پنهنجي زندگيءَ جو يادگار ۽ نتيجو ڏيندڙ تجربو بڻائين، هاڪاري سوچ سان اڳتي وڌن ۽ هميشه ان جذبي سان ڪم ڪن ته کين پنهنجي وطن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ ۾ پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو آهي.











