اسلام آباد - 01 جولاءِ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف نائب صدر سينٽر فار چائنا اينڊ گلوبلائيزيشن ڊاڪٽر وڪٽر گائو جي بيان جي تائيد ڪئي آهي. هن ڊاڪٽر وڪٽر گائو جي بيان کي پنهنجي سوشل ميڊيا ايڪس اڪائونٽ تي شيئر ڪندي ان کي پاڪستاني موقف جي حمايت قرار ڏنو. گذريل ڏينهن نائب صدر سينٽر فار چائنا اينڊ گلوبلائيزيشن بيجنگ ڊاڪٽر وڪٽر گائو اسلام آباد ۾ …
دفاع واري وزر خواجه محمد آصف پاران ايڪس تي نائب صدر سينٽر فار چائنا اينڊ گلوبلائزيشن ڊاڪٽر وڪٽر گائو جي بيان جي تائيد
اسلام آباد – 01 جولاءِ (اي پي پي) دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف نائب صدر سينٽر فار چائنا اينڊ گلوبلائيزيشن ڊاڪٽر وڪٽر گائو جي بيان جي تائيد ڪئي آهي. هن ڊاڪٽر وڪٽر گائو جي بيان کي پنهنجي سوشل ميڊيا ايڪس اڪائونٽ تي شيئر ڪندي ان کي پاڪستاني موقف جي حمايت قرار ڏنو. گذريل ڏينهن نائب صدر سينٽر فار چائنا اينڊ گلوبلائيزيشن بيجنگ ڊاڪٽر وڪٽر گائو اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدي بابت عالمي سيمينار کي خطاب ڪندي چيو هو ته دنيا جي ان حصي ۾ ڪنهن کي به پاڪستان جي بنيادي مفادن خاص ڪري ان جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي دفاع لاءِ چين جي عزم تي شڪ نه هئڻ گهرجي، ان سيٽ جي تناظر ۾ سنڌو درياهه جي آزاداڻي وهڪري تي پاڪستاني عوام جي حق کي به مسلم سمجهڻ گهرجي.











