ڪابل - 01 جولاءِ (اي پي پي) افغان طالبان رجيم ۾ امن امان جون حالتون بدترين ۽ افغانستان ڏينهون ڏينهن عالمي اڪيلائي جو شڪار ٿي رهيو آهي. آسٽريليا سيڪيورٽي خطرن سبب پنهنجي شهرين کي افغانستان جي سفر کان سختي سان روڪي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب آسٽريليا جي پرڏيهي ۽ ٽريڊ کاتي جي ويب سائيٽ تي جاري ايڊوائيزري موجب آسٽريلوي شهرين کي سختي سان مشورو ڏنو ويو آهي ته افغانستان جو …
طالبان رجيم ۾ بدترين سيڪيورٽي صورتحال، افغانستان جو سفر خطرناڪ قرار
ڪابل – 01 جولاءِ (اي پي پي) افغان طالبان رجيم ۾ امن امان جون حالتون بدترين ۽ افغانستان ڏينهون ڏينهن عالمي اڪيلائي جو شڪار ٿي رهيو آهي. آسٽريليا سيڪيورٽي خطرن سبب پنهنجي شهرين کي افغانستان جي سفر کان سختي سان روڪي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب آسٽريليا جي پرڏيهي ۽ ٽريڊ کاتي جي ويب سائيٽ تي جاري ايڊوائيزري موجب آسٽريلوي شهرين کي سختي سان مشورو ڏنو ويو آهي ته افغانستان جو سفر نه ڪن، افغانستان ۾ آسٽريلوي شهري زخمي ۽ مارجي ويا، غير قانوني طور حراست ۾ به رکيا ويا. آسٽريليا جي پرڏيهي کاتي موجب افغانستان جو ڪو به حصو محفوظ ناهي ايتري تائين جو گادي وارو هنڌ ڪابل به خطري کان خالي ناهي، آسٽريلوي شهري سياحتي، ثقافتي سرگرمين يا خاندانن سان ملاقات لاءِ به افغانستان جو سفر نه ڪن. آمريڪا، برطانيه ۽ ڪينيڊا سميت ڪيترن ئي ملڪن پڻ پنهنجي شهرين تي افغانستان جي سفر تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. ان حوالي سان تجزيو ڪندڙ ڊاڪٽر ارم سرور جو چوڻ آهي ته افغانسان جي صورتحال اڃا به خطرناڪ ۽ غير يقيني واري آهي جتي ملڪي ۽ پرڏيهي شهرين لاءِ حالتون غير محفوظ آهن، مختلف ملڪن جو پنهنجي شهرين کي افغانستان جي سفر کان روڪڻ واضح ثبوت آهي ته طالبان رجيم ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي.












