صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي ملاقات

ڪراچي - پهرين جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل بين الصوبائي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه …

ڪراچي – پهرين جولاءِ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪراچي ۾ ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران اربع ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل بين الصوبائي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر ان موقعي تي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته بين الصوبائي تعاون جي فروغ سان عوامي مسئلن جي حل ۽ ملڪي استحڪام جي ڪوششن کي وڌيڪ سگهه ملندي.