اسلام آباد - پهرين جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت ٻطرفي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي تحويل ۾ موجود قيدين جي تازين فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب 21 مئي 2008ع تي ٿيندڙ معاهدي تحت ٻئي ملڪ هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻ جا پابند آهن. پاڪستان اسلام آباد ۾ ڀارتي …
پاڪستان ۽ ڀارت پاران هڪ ٻئي جي تحويل ۾ موجود قيدين جي تازين فهرستن جي مٽاسٽا

مزید خبریں
اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت ٻطرفي قونصلر پهچ جي معاهدي تحت سفارتي ذريعن سان هڪ ٻئي جي تحويل ۾ موجود قيدين جي تازين فهرستن جي مٽاسٽا ڪئي آهي. اربع ڏينهن پرڏيهي آفيس موجب 21 مئي 2008ع تي ٿيندڙ معاهدي تحت ٻئي ملڪ هر سال پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي قيدين جي فهرستن جي مٽاسٽا ڪرڻ جا پابند آهن. پاڪستان اسلام آباد ۾ ڀارتي هاءِ ڪميشن کي پنهنجي تحويل ۾ موجود 250 ڀارتي قيدين جي فهرست فراهم ڪئي جن ۾ 52 سويلين قيدي ۽ 198 مُهاڻا شامل آهن. ٻئي طرف ڀارت پاڪستان کي پنهنجي جيلن ۾ موجود 439 پاڪستاني يا بظاهر پاڪستاني قيدين جي فهرست ڏني جن ۾ 386 سويلين قيدي ۽ 53 مُهاڻا شامل آهن. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان ڀارت تي زور ڏنو آهي ته هو سزا مڪمل ڪندڙ 97 پاڪستاني قيدين جن ۾ 64 سويلين قيدي ۽ 33 مُهاڻا شامل آهن کي فوري طور تي آزاد ڪري وطن واپس موڪلي ڇو ته انهن جي پاڪستاني شهريت جي تصديق ٿي چڪي آهي. پاڪستان ڀارت کان اهو مطالبو به ڪيو ته آزادي ۽ وطن واپسي جي منتظر سمورن پاڪستاني ۽ بظاهر پاڪستاني قيدين جي حفاظت، سلامتي ۽ ڀلائي کي يقيني بڻايو وڃي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته پاڪستان ڀارت کان بظاهر پاڪستاني قيدين کي جلد کان جلد قونصلر پهچ فراهم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي ته جيئن انهن جي شهريت جي وقت سر تصديق ممڪن ٿي سگهي. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان حڪومت سمورن پاڪستاني قيدين جي جلد وطن واپسي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندي.











