اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) موسميات کاتي چيو آهي ته اڱاري جي شام/ رات کان هڪ اولهه واري هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، عربي سمنڊ مان گهميل هوائون به ملڪ جي اوڀر ۽ وچولي علائقن ۾ مسلسل داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته نار بنگال مان گهميل هوائون 2 جولاءِ کان ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ …
اولهه واري هوائن جو سلسلو جلد ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) موسميات کاتي چيو آهي ته اڱاري جي شام/ رات کان هڪ اولهه واري هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، عربي سمنڊ مان گهميل هوائون به ملڪ جي اوڀر ۽ وچولي علائقن ۾ مسلسل داخل ٿي رهيون آهن، جڏهن ته نار بنگال مان گهميل هوائون 2 جولاءِ کان ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ گرم/ شديد حبس رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪشمير ۽ ڀرپاسي وارن جابلو علائقن ۾ آنڌاڻي/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. (اڄ) اربع ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم ۽ شديد حبس رهڻ جو امڪان آهي. شام/ رات ۾ مٿانهين پنجاب، مٿانهين خيبر پختونخوا، ڪشمير ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ آنڌاڻي/ جهڪ هلڻ ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ جهڙالي رهي، جڏهن ته ميداني علائقن ۾ شديد گرم ۽ حبس رهيو. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد نوڪنڊي ۾ 48، دالبندين ۾ 47، سبي، دادو ۾ 46 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.












