اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان اسلامو فوبيا جي روڪٿام بابت گڏيل قومن جي خاص ايلچي ميگوئيل موراتينوس ملاقات ڪئي جنهن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن ۽ مذهبي عدم برداشت جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ مختلف تهذيبن ۽ مذهبن وچ ۾ ڳالهين، گڏيل تعاون، هم آهنگي ۽ سماجي يڪجهتي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي …
وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان اسلامو فوبيا جي روڪٿام بابت گڏيل قومن جي خاص نمائندي جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف سان اسلامو فوبيا جي روڪٿام بابت گڏيل قومن جي خاص ايلچي ميگوئيل موراتينوس ملاقات ڪئي جنهن ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن ۽ مذهبي عدم برداشت جي حوالي سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ مختلف تهذيبن ۽ مذهبن وچ ۾ ڳالهين، گڏيل تعاون، هم آهنگي ۽ سماجي يڪجهتي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير چيو ته يو اين اي او سي سان گڏجي ان مسئلي جي تدارڪ لاءِ ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. پاڪستان ۾ غير مسلم آبادي جي درسگاهن ۾ داخلائون، نوڪريون ۽ اسيمبلين ۾ نمائندگي جي ڪوٽا رکي آهي. بين المذاهب هم آهنگي ونگ تحت غير مسلم عبادت گاهن جي مرمت ۽ بحالي، تعليمي وظيفا جاري ڪري رهي آهي. گڏيل قومن جي خاص نمائندي ميگوئيل موراتينوس چيو ته مذهب ۽ تهذيب جي بنياد تي نفرت ۽ جنگ جي تدارڪ تي ڪم ڪري رهيا آهيون. نيوزيلينڊ جي مسجد تي حملو اسلامو فوبيا جو بدترين مثال هو. يو اين سيڪريٽري جنرل جي هدايت تي سيپٽمبر 2019ع کان عبادتگاهن جي تحفظ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي. پاڪستان حڪومت بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان بهترين ڪم ڪري رهي آهي.











