پارليامينٽ ڪنهن به جمهوري رياست جو اهو بنيادي ٿنڀ آهي جتي عوام جي آواز کي آئيني ۽ قانوني صورت ڏني ويندي آهي: سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين

اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي)سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آهي، ته پارليامينٽ ڪنهن به جمهوري رياست جو اهو بنيادي ٿنڀ آهي، جتي عوام جي آواز کي آئيني ۽ قانوني صورت ڏني ويندي آهي، قومي پاليسين ڏانهن متعين ٿيندي آهي ۽ اجتماعي مفادن کي مقدم رکندي مستقبل جو تعين ڪيو ويندو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب عالمي يوم پارليامينٽ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن …

اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي)سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو آهي، ته پارليامينٽ ڪنهن به جمهوري رياست جو اهو بنيادي ٿنڀ آهي، جتي عوام جي آواز کي آئيني ۽ قانوني صورت ڏني ويندي آهي، قومي پاليسين ڏانهن متعين ٿيندي آهي ۽ اجتماعي مفادن کي مقدم رکندي مستقبل جو تعين ڪيو ويندو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب عالمي يوم پارليامينٽ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هر سال 30 جون تي ملهائجندڙ عالمي يوم پارليامينٽ ان حقيقت جي تجديد جو ڏينهن آهي ته مضبوط، خودمختيار ۽ باوقار پارلياماني ادارا ئي جمهوري استحڪام، قانون جي بالادستي، شفاف طرز حڪمراني ۽ عوامي اعتماد جي ضمانت هوندا آهن. هڪ فعال پارليامينٽ نه رڳو عوامي مسئلن جو اثرائتو حل پيش ڪندي آهي پر قومي يڪجهتي، سماجي انصاف ۽ پائيدار ترقي کي هٿي وٺائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.  هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان وفاق جي وحدت، آئيني بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي استحڪام لاءِ پنهنجون ذميواريون پوري سنجيدگي ۽ عزم سان نڀائي رهي آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موثر قانونسازي، عوامي امنگن جي ترجماني،  پارلياماني نگراني ۽ بين الپارلياماني تعاون اهڙا بنيادي ٿنڀ آهن جيڪي رياستي ادارن کي مضبوط ۽ جمهوري نظام کي مستحڪم بڻائيندا آهن. هن چيو ته موجوده عالمي منظرنامي ۾ پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌي چڪي آهي ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ  عالمي تعاون، علائقائي امن، گڏيل احترام ۽ گڏيل چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي.  آخر ۾ ڊپٽي چيئرمين سڄي دنيا جي پارليامينٽيرينز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته عوامي خدمت جمهوري قدرن، امن، انصاف ۽ انساني وقار کي هٿي ڏيڻ لاءِ انهن جون ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. هن ان عزم جو ورجاءُ به ڪيو ته پاڪستان پنهنجي جمهوري ادارن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، پاڪستان جي آئين جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ، پارلياماني روايتن کي هٿي ڏيڻ ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ پنهنجي قومي ذميواريون پوري ايمانداري، عزم ۽ ذميواري سان ادا ڪندو رهندو.

مزید خبریں