سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت  4100 رپين جي گهٽتائي رڪارڊ

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4100 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 24 هزار 8 سئو 36 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 100 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 24 هزار 8 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3515 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 …

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت 4100 رپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 24 هزار 8 سئو 36 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڱاري ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 4 هزار 100 رپين جي گهٽٽائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 24 هزار 8 سئو 36 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 3515 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 67 هزار 743 رپين مان گهٽجي 3 لک 64 هزار 228 رپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 37 هزار 110 رپين مان گهٽجي 3 لک 33 هزار 887 رپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪئي ته في تولو چانديءَ جي قيمت 25 رپين جي اضافي کانپوءِ 6349 رپيا ۽ 10 گرام چانديءَ جي قيمت 22 رپين جي اضافي کانپوءِ 5443 رپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4065 ڊالرز مان گهٽجي 4024 ڊالرز ٿي وئي.

مزید خبریں