اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي مجلس شوريٰ اسلامي ايران جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي اسلامي جمهوريه ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي ياد ۾ 3 جولاءِ 2026ع تي تهران ۾ منعقد ٿيندڙ سرڪاري تعزيتي تقريب ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني آهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق ايراني اسپيڪر …
ايراني اسپيڪر محمد باقر قاليباف جي سردار اياز صادق کي شهيد آيت الله خامنه اي جي ياد ۾ تعزيتي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جي مجلس شوريٰ اسلامي ايران جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق کي اسلامي جمهوريه ايران جي شهيد سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي ياد ۾ 3 جولاءِ 2026ع تي تهران ۾ منعقد ٿيندڙ سرڪاري تعزيتي تقريب ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني آهي. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مطابق ايراني اسپيڪر محمد باقر قاليباف پنهنجي دعوت نامي ۾ آيت الله سيد علي خامنه اي جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اها تقريب شهيد اڳواڻ جي قومي، اسلامي ۽ عالمي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ منعقد ڪئي پئي وڃي. هن سردار اياز صادق، پاڪستان جي پارليامنٽ ۽ پاڪستاني عوام لاءِ نيڪ خواهشن ۽ احترام جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا گڏيل احترام، گڏيل قدرن ۽ تاريخي ناتن تي ٻڌل آهن جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. اسپيڪر قاليباف پنهنجي پيغام ۾ ان اميد جو به اظهار ڪيو ته ٻنهي ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ تاريخي دوستي آئنده به هٿي وٺندي. هن چيو ته آيت الله علي خامنه اي جي انصاف، قومي خودمختياري ۽ مسلمان امت جي وقار لاءِ خدمتون ۽ جدوجهد هميشه ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهن.











