اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس، پاڪستان جي سفارتڪاري جي واکاڻ، تڪراري مواد خلاف اثرائتن قدمن جو مطالبو

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ حافظ طاهر اشرفي، علامه افتخار حسين نقوي ۽ ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا. ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي اجلاس دوران چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل، ايران آمريڪا جنگ روڪرائڻ تي پاڪستان جي سفارتي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي، پاڪستان جي بهترين سفارتڪاري سبب امن معاهدو ممڪن ٿي سگهيو، پوري …

اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ حافظ طاهر اشرفي، علامه افتخار حسين نقوي ۽ ٻيا ميمبر شريڪ ٿيا. ڊاڪٽر راغب حسين نعيمي اجلاس دوران چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل، ايران آمريڪا جنگ روڪرائڻ تي پاڪستان جي سفارتي ڪردار جي تعريف ڪئي آهي، پاڪستان جي بهترين سفارتڪاري سبب امن معاهدو ممڪن ٿي سگهيو، پوري دنيا پاڪستان جي سفارتي ڪردار جي واکاڻ ڪري رهي آهي. هن چيو ته محرم الحرام جي پهرين ڏهاڪي ۾ امن امان قائم رکڻ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، سيڪيورٽي فورسز، عالم سڳورن ۽ قومي پيغامن ۾ امن ڪميٽي جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. ڪائونسل، ڪراچي ۾ رينجرز ڪيمپ سميت ٻين هنڌن تي ٿيل حملن جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ شهيدن کي سلام پيش ڪندي چيو ته انهن قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا. اسلامي نظرياتي ڪائونسل چيو ته سوشل ميڊيا تي مقدس حستين جي شان ۾ گستاخي ناقابل قبول آهي. ڪائونسل، نجي ٽي وي چينل تي تڪراري مواد نشر ڪرڻ جي مذمت ڪئي ۽ آئنده لاءِ اهڙن واقعن جي روڪٿام جو مطالبو ڪيو. حافظ طاهر محمود اشرفي چيو ته محرم الحرام ۾ پيغام پاڪستان مطابق ضابطن تي عملدرآمد ٿيو. سمورن ميڊيا پليٽ فارمز تي مقدس شخصيتن جا خاڪا بڻائڻ جي اجازت نه ٿيڻ گهرجي. پيمرا ريگيوليٽري اٿارٽي، ان جو فوري نوٽيس وٺي ايڪشن ورتو ته جيئن آئنده اهڙو ڪو واقعو سامهون نه اچي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ميمبرن نجي چينل تي خاڪا هلائڻ جي ڀرپور مذمت ڪئي ۽ قدم کڻي اهڙن واقعن جي روڪٿام جو مطالبو ڪيو. اجلاس ۾ گڏيل قرارداد منظور ڪئي وئي ته انبيا ڪرام، اهل بيت، امهات المومنين ۽ صحابه ڪرام جو احترام سڀني تي لازم آهي.

مزید خبریں