اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي غيرقانوني طور تي معطل ڪري نه رڳو عالمي قانوني نظام کي ڪمزور ڪيو آهي پر خطي کي تڪرار جي خطري ۾ پڻ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سهڪار سان …
ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي غيرقانوني طور تي معطل ڪري عالمي قانوني نظام کي ڪمزور ڪرڻ سميت خطي کي تڪرار جي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي: اسحاق ڊار

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي غيرقانوني طور تي معطل ڪري نه رڳو عالمي قانوني نظام کي ڪمزور ڪيو آهي پر خطي کي تڪرار جي خطري ۾ پڻ وجهي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي سهڪار سان منعقد عالمي سيمينار “سنڌ طاس معاهدو: امن ۽ علائقائي استحڪام جو هڪ ذريعو” جي پڄاڻي واري ويهڪ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٽرانس بائونڊري درياهه ملڪن جي وچ ۾ فاصلا وڌائڻ بدران انهن کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جو ذريعو سمجهڻ گهرجي، پاڪستان انهي جذبي تحت ڀارت سان سنڌ طاس معاهدو ڪيو جيتوڻيڪ ان جي لاءِ پاڪستان کي نمايان رعايتون ڏيڻيون پيون. هن چيو ته اسلام آباد جو خيال هو ته اهو معاهدو خطي جي اهم ترين گڏيل وسيلن مان هڪ جي استعمال جي حوالي سان ڊگهي مدي وارو استحڪام فراهم ڪندو. هن ڀارت پاران معاهدي کي معطل رکڻ جي اعلان ۽ معاهدي موجب گڏيل پاڻي وسيلن تي پاڪستان سان تعاون کان انڪار تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته معاهدن جو تقدس انهن بنيادي اصولن ۾ شامل آهي جن تي قومن جي وچ ۾ پرامن لاڳاپا قائم ٿين ٿا. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏي. سيمينار جي افتتاحي ويهڪ کي خطاب ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي عطاءُ الله تارڙ چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ڀارت جي هٺ ڌرمي نه رڳو عالمي قانوني نظام جي تقدس کي ڪمزور ڪري رهي آهي پر عالمي امن ۽ نظم ۽ ضبط جي لاءِ پڻ نقصانڪار آهي. وفاقي وزير چيو ته سنڌو درياهه پاڪستان جي تهذيب جو بنياد آهي ۽ ان جي سڃاڻپ جو حصو آهي. هن چيو ته پاڪستانين کي سنڌو درياءَ جي پاڻين تي فتح نه ٿيڻ جوڳو حق حاصل آهي. هن چيو ته ڀارت پاران معاهدي کي غيرقانوني طور تي معطل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڀارت جي لاءِ عالمي سطح تي شرمندگي جو سبب بڻي آهي. هن چيو ته ان قدم جا اخلاقي، سماجي ۽ قانوني بنياد انتهائي ڪمزور آهن. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها خاص طور تي عالمي موسمياتي بحران جي ڏس ۾ معاهدي جي حيثيت تبديل ڪرڻ جي ڀارتي غيرقانوني ڪوششن جو نوٽيس وٺي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن آبنائي هرمز جي بندش سان امن جو تصور ممڪن نه آهي ته دنيا اهو ڪيئن اميد ڪري سگهي ٿي ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جي باوجود خطي ۾ امن ۽ استحڪام برقرار رهندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت پاڪستان جي شهه رڳ کي نشانو بڻائي پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ۾ ڀارت جي هر قدم کي پاڪستان جي خلاف جنگي قدم تصور ڪيو وڃي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها معاهدي جي خلاف ڀارت جي غيرقانوني قدمن کي چئلينج ڪرڻ ۾ پاڪستان جي حمايت ڪري ته جيئن خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ ۽ ان کي هڪ اسٽريٽجڪ تباهي جي طرف وٺي وڃڻ کان روڪي سگهجي. هن پاڻي سميت عالمي گڏيل وسيلن کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي خلاف هڪ عالمي ڪنوينشن جو پڻ مطالبو ڪيو. ان موقعي تي موسمياتي تبديلي ماحولياتي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ڀارت جا غيرقانوني قدم پاڪستان ۾ موسمياتي بحران کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيا آهن. هن چيو ته اهو نه رڳو موسمياتي بحران آهي ۽ نه ئي رڳو پاڻي جو بحران آهي، پر اهو انصاف جو بحران آهي. هن چيو ته دنيا جي مضبوط ترين معاهدن مان هڪ جي خلاف ورزي ڪري ڀارت عالمي قانوني نظام جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارتي قدم سڄي دنيا جي ڪنارن هيٺ وارن ملڪن جي حقن جي نئين تشريح ڪري رهيا آهن جنهن جي عالمي نتيجن جي حوالي سان عالمي برادري کي آگاهي هجڻ گهرجي. دفاع واري اڳوڻي وزير انجنيئر خرم دستگير خان معاهدي جي معطلي کانپوءِ ڀارت پاران کنيل سمورن غيرقانوني قدمن جو ذڪر ڪيو جن ۾ بگهليار ۽ سلال ڊيمن جا گيٽ بند ڪرڻ ۽ سنڌ طاس معاهدي تحت دريائن تي پاڻي منصوبن جي تيز رفتار تڪميل شامل آهي. پرڏيهي معاملن واري اڳوڻي مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته سنڌ طاس معاهدي ۾ ڪنهن به تبديلي جو واضح طريقيڪار موجود آهي. هن چيو ته عالمي غيريقيني صورتحال جي ڪري ڀارت هڪ عالمي طور تي پابند معاهدي جي حوالي سان پنهنجي غيرقانوني قدم کان بچي نڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو. قانون ۽ انصاف واري اڳوڻي نگران وزير احمد بلال صوفي چيو ته عالمي قانون تحت سرحدي پاڻي وسيلا عالمي گڏيل اثاثو آهن ۽ ڪو به ملڪ پنهنجي حدن مان گذرندڙ پاڻي تي ملڪيت جي دعوى نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ڀارت پاران معاهدي کي معطل ڪرڻ حقيقت ۾ معاهدي جي خلاف ورزي جو اعتراف آهي جنهن سان پاڪستان کي قانوني طور تي قدمن جي ذريعي جواب ڏيڻ جو حق حاصل ٿي وڃي ٿو. نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جي اڳوڻي صدر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عامر رياص چيو ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ڪندي پاڪستان کي مختص اولهندي دريائن تي مختلف منصوبا شروع ڪيا جيڪي ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته نئين دهلي جا ارادا معاهدي جي معطلي کان اڳ ئي پاڻي کي پاڪستان جي خلاف بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جا هئا. پاڪستان جي انڊس واٽر ڪمشنر سيد مهر علي شاهه چيو ته ڀارتي قدم پاڻ معاهدي جي آرٽيڪل – 11 ۾ فراهم ڪيل تڪرارن جي حل جي طريقيڪار جي خلاف آهن. هن معاهدي تحت ڀارت پاران پاڻي انگن اکرن جي فراهمي معطل ڪرڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو. يونيورسٽي آف ورلڊ سولائيزيشنز ماسڪو جي سائنٽفڪ سينٽر فار انٽرنيشنل اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي سربراهه ڊاڪٽر روڪسلانا زيگون چيو ته سنڌ طاس معاهدو پنهنجي پائيداري جي ڪري عالمي سطح تي وسيع پئماني تي ساراهيو وڃي ٿو. هن ڀارتي قدمن کانپوءِ پاڪستاني پاليسي سازن جي ذميواراڻي رويي کي ساراهيو خاص طور تي ان ڏس ۾ ته جڏهن ڀارتي اعلى عملدارن پاران اشتعالانگيز بيان سامهون آيا. آمريڪا سان تعلق رکندڙ ليکڪه ۽ عالمي پاليسي ماهر لوري واٽڪنز چيو ته ڀارت پاران پاڻي انگ اکر روڪڻ ۽ دريائن جي غيرمعمولي وهڪري بابت پاڪستان جي لکت وارن خطن جو جواب نه ڏيڻ عالمي قانون جي اصولن جي خلاف ورزي آهي. بيجنگ ۾ سينٽر فار چائنا اينڊ گلوبلائيزيشن جي نائب صدر پروفيسر وڪٽر گاني سنڌ طاس معاهدي جي ڀارتي معطلي کي انسانيت جي خلاف ڏوهه قرار ڏنو. هن چيو ته ڀارت هڪ وچولي وهڪري وارو ملڪ آهي ڇو ته جيڪڏهن هو پاڪستان جي لاءِ مٿانهين واري ڪناري وارو ملڪ آهي پر چين جي لاءِ هيٺانهين واري ڪناري وارو ملڪ آهي. هن چيو ته ڀارت پاران پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪندي پاڪستان تي دٻاءُ وجهڻ جي ڀارتي ڪوششن کي چين روڪي سگهي ٿو. پنهنجي پڄاڻي وارن جملن ۾ آءِ آر ايس جي صدر جوهر سليم چيو ته پائيدار امن رڳو عالمي قانون جي احترام، عالمي واعدن جي پاسداري ۽ انهن ادارن جي قدر جي ذريعي ئي ممڪن آهي جيڪي ملڪن کي پنهنجا اختلاف پرامن طريقي سان حل ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. هن چيو ته پائيدار پاڻي تحفظ رڳو دستياب پاڻي جي مقدار تي نه پر خاطري، شفافيت ۽ تعاون تي پڻ دارومدار آهي، تنهن ڪري اڳتي وڌڻ جو واحد رستو سنڌ طاس معاهدي تي ان جي روح ۽ متن ٻنهي موجب مڪمل عملدرآمد آهي.











