پاڪستان جو آئين جمهوري حڪُومتي نظام ۽ جمهوري قدرن جي ضمانت ڏي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد - 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پارليامينٽ جي عالمي ڏينهن کي جمهوري رياستن کي گڏيل طور تي جمهوريت جي نمائنده ادارن، آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي مرڪزي حيثيت، جمهوريت، شفافيت، جوابدهي، قانون جي حڪمراني ۽ طرز حڪمراني ۾ عوامي شرڪت جي اصولن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جي ورجاءُ جو موقعو فراهم ڪرڻ جو ذريعو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين …

اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پارليامينٽ جي عالمي ڏينهن کي جمهوري رياستن کي گڏيل طور تي جمهوريت جي نمائنده ادارن، آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي مرڪزي حيثيت، جمهوريت، شفافيت، جوابدهي، قانون جي حڪمراني ۽ طرز حڪمراني ۾ عوامي شرڪت جي اصولن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جي ورجاءُ جو موقعو فراهم ڪرڻ جو ذريعو قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين جمهوري حُڪومتي نظام ۽ جمهوري قدرن جي ضمانت ڏي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پارليامينٽ جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو جيڪو 30 جُون تي ملهايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته آئين جي اصل روح موجب اقتدار جو سرچشمو عوام آهي ۽ چونڊيل نمائندا اهو اختيار عوام جي خدمت ۽ ڀلائي جي لاءِ هڪ مقدس امانت جي طور تي استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته پارليامينٽ اهو آئيني فورم آهي جتي قومي مسئلن تي عوام جي ترجماني ڪندي قانون جوڙيا وڃن ٿا. قومي وسيلن جي استعمال جي نگراني ڪئي وڃي ٿي ۽ انهن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ٿو. وزيراعظم چيو ته سمورن طبقن ۽ گروهن جي جامع شموليت ۽ موثر نمائندگي جي ڏس ۾ به پاڪستان جي پارلياماني جمهوريت نمايان اڳڀرائي ڪئي آهي. هڪ حقيقي پارليامينٽ جي نمائندي جي طور تي عورتن، اقليتن، ننڍي صوبن ۽ ٻين محروم طبقن جي آواز کي پڻ موثر انداز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سمورن طبقن جي شموليت جي آئيني ضمانت ڏني وئي آهي ته جيئن جائز حقن ۽ مفادن جو تحفظ ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ عورتن ۽ غيرمسلمان شهرين جي لاءِ مخصوص سيٽون انهي آئيني عزم جو مظهر آهن. هن چيو ته سينيٽ وفاقي اڪائين کي برابر نمائندگي ڏئي پاڪستان جي وفاقي ڪردار کي وڌيڪ مضبوط بڻائي ٿو. شفافيت، عوامي پهچ ۽ جديد پارلياماني طرز عمل، جمهوريت، شفافيت، معلومات تائين پهچ ۽ عوامي شموليت جي گهرج ڪن ٿا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ قانونسازي، پارلياماني بحثن، ڪميٽي رپورٽس ۽ ٻين دستاويزن کي عوامي پهچ ۾ آڻي ان ڏس ۾ اهم قدم کنيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ عالمي پارلياماني سفارتڪاري ۾ پڻ فعال ڪردار ادا ڪري رهي آهي. بين الپارلياماني يونين، پارلياماني فرينڊشپ گروپس ۽ ٻين عالمي فورمز ۾ شرڪت جي ذريعي پاڪستان عالمي امن، ڳالهه ٻولهه، پائيدار ترقي، انساني حقن، صنفي برابري ۽ عالمي تعاون جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته اچو پارليامينٽ جي عالمي ڏينهن تي پاڪستان جي آئين جي بالادستي، پارلياماني جمهوريت، وفاقيت، شموليت، قانون جي حڪمراني، شفافيت، جوابدهي ۽ عوامي ڀلائي جي اصولن سان پنهنجي اڻٿڪ عزم جو ورجاءُ ڪريون. هن چيو ته پارليامينٽ جمهوري حڪومت جو عوام سان مضبوط تعلق بڻائي ٿي ته جيئن رياستي نظم ۽ ضبط، عوام جي امنگن، خواهشن ۽ گڏيل ڀلائي موجب اڳتي وڌي سگهون.

مزید خبریں