اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) سنڌ طاس معاهدي تي عالمي سيمينار اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿي ويو. سنڌ طاس معاهدي جي اهميت، پاڻي وسيلن جي تحفظ ۽ علائقائي تعاون بابت عالمي سيمينار ۾ وفاقي وزير، سياسي اڳواڻ، ماهر ۽ لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪري رهيا آهن. سيمينار جي افتتاحي سيشن کي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ خطاب ڪندو. پهرين سيشن ۾ پاڪستان …
سنڌ طاس معاهدي تي عالمي سيمينار شروع، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ، بلاول ڀٽو زرداري، حنا رباني کر ۽ ٻيا خطاب ڪندا

مزید خبریں
اسلام آباد- 30 جون (اي پي پي) سنڌ طاس معاهدي تي عالمي سيمينار اسلام آباد جي جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿي ويو. سنڌ طاس معاهدي جي اهميت، پاڻي وسيلن جي تحفظ ۽ علائقائي تعاون بابت عالمي سيمينار ۾ وفاقي وزير، سياسي اڳواڻ، ماهر ۽ لاڳاپيل عملدار شرڪت ڪري رهيا آهن. سيمينار جي افتتاحي سيشن کي اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ خطاب ڪندو. پهرين سيشن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اهم خطاب ڪندو، جڏهن ته پاڪستان جو سنڌ طاس معاهدي بابت ڪمشنر سيد مهر علي شاهه پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو. سيشن جي پُڄاڻي تي اڳوڻو وفاقي وزير ڊاڪٽر خرم دستگير خان خطاب ڪندو. ٻئي سيشن ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي جو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ اهم خطاب ڪندو، جڏهن ته نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو اڳوڻو صدر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عامر رياض پڻ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندو. سيشن جي پُڄاڻي تي اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي. سيمينار جي اختتامي سيشن جو خاص مهمان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هوندو، جيڪو اختتامي خطاب ڪندو. سيمينار ۾ سنڌ طاس معاهدي، پاڻي وسيلن جي موثر انتظام، ماحولياتي تبديلي جي اثرن ۽ خطي ۾ آبي تعاون سان لاڳاپيل مختلف رخن تي تفصيلي طور بحث ڪيو ويندو.










