اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 96 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 45 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 46 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 46 هزار 200 …
درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) واپڊا ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. سومر ڏينهن جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 96 هزار 400 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 1 لک 45 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 46 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 46 هزار 200 ڪيوسڪ، خيرآباد پل تي پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 84 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 84 هزار 500 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 36 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 40 هزار ڪيوسڪ، جڏهن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 53 هزار 200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 26 هزار 300 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1444.27 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.844 ملين ايڪڙ فٽ، جڏهن ته منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1163.05 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.252 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو. ساڳئي طرح چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 641.70 فٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 0.057 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.










